| ڀارت جي سياست ڪرڪيٽ کي تماشو بڻائڻ لڳي، آمريڪا بعد انگلينڊ جي ٻن مسلمان ڪرڪيٽرن کي ويزا ڏيڻ ۾ نٽ نٽاءُ |
نئين دهلي/لنڊن (اسپورٽس نيوز) ڀارت ۾ شيڊيول ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ آءِ سي سي سوڌو ميگا ايونٽ ۾ حصو وٺندڙ ملڪن لاءِ مٿي جو سور بڻجي ويو آهي. ڀارت جي حڪومت پاڪستان سان لاڳاپا هجڻ جي ڪري رانديگرن کي ويزا ڏيڻ ۾ دير ڪري رهيو آهي آمريڪي ڪرڪيٽر علي خان سميت چئن پاڪستاني پس منظر رکندڙ رانديگرن کي ڀارتي ويزا نه ڏيڻ جي تصديق ٿي آهي پر هاڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي اهم ٽيم ۽ ڪرڪيٽ جي خالق انگلينڊ جي ٽيم ۾ پاڪستاني پس منظر رکندڙ رانديگرن کي به ويزا نه ملڻ جا اطلاع آهن. رپورٽ موجب ليگ اسپنر عادل رشيد ۽ ريحان احمد کي پاڪستان سان واسطو هئڻ سبب اڃا تائين ڀارتي ويزا جاري نه ڪئي وئي آهي، جنهن سبب ٻنهي ڪرڪيٽرن جو انگلينڊ جي اسڪواڊ سان گڏ سفر ڪرڻ جو امڪان نه آهي. ياد رهي ته ٻه سال اڳ شعيب بشير به ويزا مسئلن سبب انگلينڊ جي ڀارت جي دوري دوران شروعاتي ٻن ٽيسٽ ميچن ۾ حصو نه وٺي سگهيو هو، جنهن کانپوءِ کيس ويزا جو عمل مڪمل ڪرڻ لاءِ لنڊن واپس وڃڻو پيو، جڏهن ته ثاقب محمود کي به ويزا مسئلن جو منهن ڏسڻو پيو هو.