ڀارت جي ناڪامي جو فائدو کڻڻ جي ڪوشش: پاڪستان بنگلاديش جي ورلڊڪپ ميچن جي ميزباني ڪرڻ جي آڇ ڪري ڇڏي

ڀارت جي ناڪامي جو فائدو کڻڻ جي ڪوشش: پاڪستان بنگلاديش جي ورلڊڪپ ميچن جي ميزباني ڪرڻ جي آڇ ڪري ڇڏي

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان آءِ سي سي ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ بنگلاديشي ٽيم جي ميچن جي ميزباني لاءِ به تيار آهي. ذريعن موجب سريلنڪا ۾ گرائونڊ جي کوٽ سبب پاڪستان جا سڀئي گرائونڊ انهن ميچن جي ميزباني لاءِ موجود آهن. بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ سيڪيورٽي سببن جي ڪري هندستان وڃڻ کان انڪار ڪيو آهي. آءِ سي سي هاڻي فيصلو ڪندي ته بنگلاديش جون ميچون ڪٿي منعقد ڪيون وينديون. آءِ سي سي ٽي 20 ورلڊ ڪپ جا ميزبان ڀارت ۽ سريلنڪا آهن. پاڪستاني ٽيم جي انڪار کان پوءِ آءِ سي سي اڳ ۾ ئي پاڪستان جون سڀئي ميچون سريلنڪا ۾ شيڊول ڪري چڪو آهي. بنگلاديش جون ٽي ميچون ڪولڪتا ۽ هڪ ممبئي ۾ شيڊولڊ آهن. انتها پسند ڀارتين پاران بنگلاديشي فاسٽ بالر مستفيض الرحمان کي قتل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏيڻ ۽ آءِ پي ايل مان ان جي نيڪالي جو مطالبو ڪرڻ کان پوءِ ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ڪولڪتا نائيٽ رائيڊرز جي مالڪ شاهه رخ خان کي هدايت ڪئي ته بنگالي ڪرڪيٽر کي پنهنجي ٽيم مان ڪڍو. جنهن کان پوءِ بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ موقف اختيار ڪيو آهي ته جيڪڏهن هندستان هڪ رانديگر کي سيڪيورٽي فراهم نٿو ڪري سگهي ته پوءِ اهو اتي پوري بنگلاديش ٽيم جي حفاظت کي ڪيئن يقيني بڻائيندو؟