ڀارت جي واپسي، آسٽريليا کان ٻي ٽوئنٽي به کٽي ورتي، اڪشر جي آل رائونڊ ڪارڪردگي

ڀارت جي واپسي، آسٽريليا کان ٻي ٽوئنٽي به کٽي ورتي، اڪشر جي آل رائونڊ ڪارڪردگي

ڪارارا(اسپورٽس نيوز) ڀارت چوٿين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ آسٽريليا کي 48 رنسن تان هارائي پنجن ميچن تي ٻڌل سيريز ۾ 1-2 جي سرسي حاصل ڪري ورتي. ڪارارا اوول ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ مچل مارش ٽاس کٽي پهريان ڀارت کي بيٽنگ جي دعوت ڏني. ڀارت پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ اٺ وڪيٽن جي نقصان تي 167 رنسون ٺاهيون. شُڀمَن گل 46 ۽ اڀيشيڪ شرما 28 رنسون ٺاهي نمايان رهيا، ٻين رانديگرن ۾ ڪپتان سوريا ڪمار يادَو 20، شيوم دوبي 22، واشنگٽن سُندر 12 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا، جڏهن ته اڪشر پٽيل 21 رنسن جي ناٽ آئوٽ اننگز کيڏي. آسٽريليا طرفان ايڊم زمپا ۽ نيٿن ايلس 3، 3 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته مارڪوس اسٽوئنس ۽ زيويئر بريٽليٽ هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. ڀارت جي 168 رنسن جي هدف پٺيان ڊوڙندڙ آسٽريلوي ٽيم 119 رنسن تي ڍير ٿي وئي. ڪپتان مچل مارش 30 ۽ ميٿيو شارٽ 25 رنسون ٺاهي اڳڀرا رهيا، جوش انگلس 12، ٽِم ڊيوڊ 14، جوش فلپي 10 ۽ مارڪوس اسٽوئنس 17 رنسون ٺاهي سگهيا. گلين ميڪسويل 2، بين ڊرويش 5، زيويئر بريٽليٽ ۽ ايڊم زمپا کاتو کولڻ بنا پويلين موٽيا. ڀارت طرفان واشنگٽن سُندر 3 وڪيٽون ورتيون، شيوم دوبي ۽ اڪشر پٽيل 2، 2 وڪيٽون حاصل ڪيون، جڏهن ته ارشديپ سنگهه ۽ جسپريت بُمرا جي حصي ۾ هڪ هڪ وڪيٽ آئي. آل رائونڊ ڪارڪردگي تي اڪشر پٽيل کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.