ڀارت جي پاڪستان خلاف پروپئگنڊا: راجسٿان ۽ والاريل ڪشمير ۾ حملن جون ڪوڙيون خبرون پکيڙڻ لڳو
مَي 9, 2025
ڪراچي(م ڊ) ڀارت والاريل ڪشمير تي حملي جون ڪوڙيون خبرون پکيڙڻ لڳو، جنهن کي سيڪيورٽي ذريعن رد ڪري ڇڏيو، ڀارتي ميڊيا پاران پروپئگنڊا ڪئي وئي ته والاريل ڪشمير جي علائقن ۾ ڌماڪن جا آواز ٻڌا ويا آهن ۽ پاڪستان پاران ڊرون حملا ڪيا ويا آهن، پٺاڻ ڪوٽ ايئر بيس تي ميزائل هنيا ويا آهن، ڀارتي ميڊيا دعويٰ ڪئي ته پاڪستاني حملن کانپوءِ والاريل ڪشمير ۾ مڪمل بليڪ آئوٽ ڪيو ويو آهي ۽ سائرن وڄايا ويا آهن، پاڪستاني سيڪيورٽي ذريعن ڀارت جي اهڙين خبرن کي ڪوڙ قرار ڏيندي چيو آهي ته من گهڙت خبرن ۾ ڪا صداقت ناهي، سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڀارت جي راجسٿان، پٺاڻ ڪوٽ ۽ والاريل ڪشمير ۾ حملن جي خبر ڪوڙ آهي، ڀارت پاڪستان خلاف جارحيت جو جواز ٺاهڻ چاهي ٿو، سيڪيورٽي ذريعن موجب ڀارتي ميڊيا جي ايف 16 جهاز ڪيرائڻ واري دعويٰ به ڪوڙ تي ٻڌل آهي، پاڪستان ڪشمير ۾ ڪو به حملو ناهي ڪيو، نه ڪو جهاز ڪِريو آهي، ڀارت ان کان اڳ امرتسر تي حملي جي ڪوڙي خبر پکيڙي جنهن جو مقصد سک برادري کي پاڪستان خلاف ڀڙڪائڻ هو. هوڏانهن سڌسماءَ جي وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آھي ته ڀارت پاران جي ايف 16 ۽ جي ايف 17 ويڙھاڪ جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ بي بنياد ۽ ڪوڙي آهي، ڪوڙيون ۽ من گهڙت ڪهاڻيون اوهان کي ڪٿان جون نه ڇڏينديون، اهڙيون ڪوڙيون دعوائون صرف ڀارت جي مايوسي جي عڪاسي ڪن ٿيون.