ڀارت جي ڪئنيڊا ۾ دهشتگردي حيران ڪندڙ ناهي: پاڪستان

سيپٽمبر 20, 2023

نيويارڪ(پنهنجي ڊيسڪ) پاڪستان چيو آهي ته ڀارت جي ڪئنيڊا ۾ دهشتگردي حيران ڪندڙ نه آهي، دنيا ۾ ڀارت کي ڪو ملڪ سمجهي ٿو ته اهو پاڪستان آهي

نيويارڪ ۾  پرڏيهي سيڪريٽري سائرس قاضي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڪئنيڊا جي وزيراعظم جسٽس ٽروڊو جيڪي الزام لڳايا ان ۾ ڪجهه ته حقيقت هوندي تڏهن لڳايا آهن

سندس چوڻ هو ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ رياستي دهشتگردي ڪري رهيو آهي، ڀارت پاڪستان ۾ عدم استحڪام جي ڪارروائين ۾ به ملوث آهي

سائرس قاضي چيو ته وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ جمعي ڏينهن جنرل اسيمبلي کي خطاب ۾ ڪشمير ۽ افغانستان سميت  سمورن معاملن تي پاڪستان جو موقف پيش ڪندو

Leave A Comment