ڀارت خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ آئرلينڊ جي 14 رڪني ٽيم جو اعلان

ڀارت خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ آئرلينڊ جي 14 رڪني ٽيم جو اعلان

بيلفاسٽ (ويب ڊيسڪ) آئرلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ لورڪن ٽڪر کي قومي ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ٽيم جو نئون ڪپتان مقرر ڪري ڇڏيو آهي. سندس ڪپتانيءَ جي شروعات ڀارت خلاف ايندڙ هفتي رٿيل ٽي ٽوئنٽي سيريز کان ٿيندي. لورڪن ٽڪر کي پال اسٽرلنگ جي جاءِ تي ٽيم جو ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي، جنهن هلندڙ سال ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کانپوءِ ڪپتاني ڇڏي ڏني هئي، پال اسٽرلنگ هن وقت انجري سبب ٽيم کان ٻاهر آهي. آئرلينڊ جي ٽيم کي سيريز کان اڳ وڏن مسئلن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته پنج اهم فاسٽ بالر زخمي هئڻ سبب دستياب ناهن. زخمي رانديگرن ۾ جوش لٽل، مارڪ ايڊيئر، ڪيرتس ڪيمفر، بيري ميڪارٿي ۽ جورڊن نيل شامل آهن. آئرلينڊ جي 14 رڪني اسڪواڊ ۾لورڪن ٽڪر( ڪپتان) راس ايڊيئر، بين ڪيلٽز، گيريٿ ڊيلاني، جارج ڊاڪريل، اسٽيفن دوهيني، ميٿيو همفريز، گيون هوي، ميٽ هولارڊ، ليام ميڪارٿي، جئه مونڊرا، هيري ٽيڪٽر، ٽم ٽيڪٽر، ۽ روبن ولسن شامل آهن. ياد رهي ته آئرلينڊ ۽ ڀارت وچ ۾ ٻن ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز 26 ۽ 28 جون تي بيلفاسٽ جي اسٽورمونٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي،