| ڀارت سان بيڪ ڊور رابطا جاري آهن: بچاءُ وزير |
ڪراچي (م ڊ) بچاءُ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته ڀارت سان به پاڪستان جا بيڪ ڊور رابطا جاري آهن. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان ۾ هاءِ برڊ جمهوريت جي ڪري ئي ڪاميابيون ملي رهيون آهن ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ٽياڪڙي جو موقعو اسان کي ان ڪري مليو جو اسان ڀارت کي جنگ ۾ هارايو. هن وقت ڀارت سان به رابطا جاري آهن ان باري ۾ وڌيڪ ڪجهه نه ٿو چوان.