ڀارت سان ڇڪتاڻ، قومي سلامتي جي ذميواري آءِ ايس آءِ سربراهه حوالي، آمريڪا جو شهباز سان رابطو: ڀارت کي اڳرائي کان روڪيو: وزيراعظم
مَي 1, 2025
سرينگر / لاهور / اسلام آباد (م ڊ) ڀارت طرفان لائن آف ڪنٽرول تي سيز فائر جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي جنهن تي پاڪ فوج فوري طور تي ڪارروائي ڪندي منهن ٽوڙ جواب ڏيندي دشمن جا ڪيترائي مورچا ۽ چيڪ پوسٽون تباهه ڪري ڇڏيون. ڇڪتاڻ سبب سرحدي علائقا خالي ٿي ويا. سيڪيورٽي ذريعن موجب پهلگام فالس فليگ کان پوءِ ڀارت طرفان لاڳيتو جارحانه قدم کنيا پيا وڃن. انهي دوران 29 ۽ 30 اپريل جي وچ واري رات لائن آف ڪنٽرول تي ڇتي فائرنگ ڪئي وئي، ذريعن ٻڌايو آهي ته ڀارت طرفان لائن آف ڪنٽرول جي ڪياني ۽ منڊل سيڪٽرز ۾ ڇتي فائرنگ ڪئي وئي. ڀارت طرفان ڪيل فائرنگ ۾ ننڍن هٿيارن جو استعمال ڪيو ويو جنهن تي پاڪ فوج طرفان جوابي ڪارروائي ڪندي ڀارتي فوج کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويو. پاڪستان جي هٿياربند فوج طرفان موثر جواب سبب دشمن کي خاموش ڪرايو ويو. سيڪيورٽي ذريعن موجب پاڪ فوج جي موثر جواب سبب دشمنن جا ڪيترائي مورچا تباهه ٿيڻ جون به رپورٽون آهن جن ۾ والاريل ڪشمير ۾ واقع لائن آف ڪنٽرول تي ڀارتي چڪپترا پوسٽ کي تباهه ڪيو ويو. انهي کان اڳ ڀارت والاريل ڪشمير جي سرحدي علائقن کي به خالي ڪرائي ورتو آهي ۽ مسلمانن جي خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي. سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڀارت طرفان اهو چڙ ڏياريندڙ جنگي جنون آهي پاڪ فوج ملڪي سالميت جي دفاع لاءِ هر وقت تيار آهي.هوڏانهن پرڏيهي ايجنسي موجب پاڪستان ۽ هندستان جي ڊائريڪٽر جنرل ملٽري آپريشنز جو باضابطا رابطو ٿيو، ذريعن موجب ٻنهي ملڪن جي فوجي آفيسرن لائن آف ڪنٽرول جي ڀڃڪڙين تي ڳالهيون ڪيون
اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف سان آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو جو فون تي رابطو ٿيو، جنهن ۾ وزيراعظم آمريڪي صدر ٽرمپ لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو، سمورن شعبن ۾ آمريڪي انتظاميا سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو کي پهلگام واقعي بعد پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪيو، وزيراعظم چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي مذمت ڪري ٿو، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جو ڪردار اهم رهيو آهي، دهشتگردي خلاف عالمي جنگ ۾ پاڪستان 90 هزار کان وڌيڪ جانيون قربان ڪيون، 152 ارب ڊالر کان وڌيڪ معاشي نقصان برداشت ڪيو. وزيراعظم ڀارت جي وڌندڙ اڳرائين تي چيو ته ڀارت جي اڳرائي دهشتگردي کي شڪست ڏيڻ جي ڪوششن تان توجهه هٽائڻ جو ڪم ڪري رهي آهي، پهلگام واقعي کي پاڪستان سان جوڙڻ جي ڀارتي ڪوششن کي واضح لفظن سان رد ڪريون ٿا، وزيراعظم حقيقتون سامهون آڻڻ لاءِ شفاف، قابل اعتماد، اڻڌري جاچ جو مطالبو ڪيو ۽ موجود صورتحال ۾ آمريڪا کان ڀارت تي دٻاءُ وجهڻ تي زور ڏيندي چيو ته ڀارت اڳرائي کان پاسو ڪري ۽ ذميواري کان ڪم وٺي.هوڏانهن آمريڪي ناظم الامور نٽالي بيڪر جي نائب وزيراعظم اسحاق ڊار سان ملاقات ٿي، جنهن ۾ علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسحاق ڊار قومي مفادن جي تحفظ لاءِ پاڪستان عزم جو اظهار ڪيو، علائقائي امن ۽ سلامتي لاءِ پاڪستان جي عزم کان آگاهه ڪيو، پرڏيهي ترجمان موجب آمريڪي ناظم الامور ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ آمريڪي خواهش جو اظهار ڪيو، هن چيو ته آمريڪا ٻنهي ملڪن سان رابطي ۾ رهندو. ٻئي طرف سعودي عرب جي پرڏيهي وزارت ڀارت ۽ پاڪستان تي زور ڏنو آهي ته اهي ڇڪتاڻ کان پاسو ڪن ۽ تڪرار کي سفارتي ذريعن سان حل ڪن. سعودي پرڏيهي وزارت اربع ڏينهن پنهنجي آفيشل ”ايڪس“ اڪائونٽ تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته اسان کي پاڪستان ۽ ڀارت ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ تي ڳڻتي آهي، ٻئي ملڪ سفارتي رستي سان ڇڪتاڻ گهٽائين ۽ تڪرار حل ڪن. ٻئي طرف ڀارت سان ڇڪتاڻ بعد پاڪستان حڪومت اهم قدم کڻندي قومي سلامتي جي ذميواري ڊي جي آءِ ايس آءِ حوالي ڪري ڇڏي آهي. ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل محمد عاصم ملڪ کي قومي سلامتي جي صلاحڪار جي اضافي ذميواري ڏني وئي آهي. جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.