اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو آهي ته ڀارت پنهنجي مرضي جا نتيجا حاصل نه ٿيڻ تي عالمي قانوني ذميوارين کان دستبردار نٿو ٿي سگهي. ڀارت جو رويو معاهدن جي تقدس ۽ عالمي تڪرارن جي حل واري نظام کي نقصان پهچائي ۽ عالمي قانوني ۽ تڪرارن جي حل واري طريقيڪار تي اعتماد کي پڻ متاثر ڪري رهيو آهي. ڀارت جو رويو گڏيل وسيلن سان لاڳاپيل قانوني معاهدن لاءِ ٻين علائقن ۾ به هڪ خطرناڪ مثال بڻجي سگهي ٿو.ڏکڻ ايشيا جهڙي حساس خطي ۾ سرحد پار پاڻي جي انتظام بابت هڪ طرفا قدم انتهائي ڳڻتي جوڳا آهن. ڀارت کي سنڌ طاس معاهدي جي مڪمل پاسداري ۽ معاهدي تحت قائم اداراتي نظام جو احترام ڪرڻ گهرجي. ڀارتي پرڏيهي وزارت طرفان ايوارڊ کي رد ڪرڻ سان ڀارت جون قانوني ذميواريون ختم نٿيون ٿي سگهن ايوارڊ کي رد ڪرڻ سان سنڌ طاس معاهدي تحت ڀارت جي ذميوارين ۾ ڪا به تبديلي نه ايندي ۽ ڀارت ڪورٽ آف آربيٽريشن جي ايوارڊ تي عملدرآمد واري پنهنجي ذميواري کان آجو نٿو ٿي سگهي. پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو آهي ته پاڪستان افغانستان جي معاملي تي چين جي تعميري ۽ مسلسل ڪوششن کي ساراهي ٿو. پاڪستان افغانستان جي معاملي تي هر مثبت ۽ تعميري ڳالهين لاءِ هميشه تيار رهيو آهي، پر افغانستان بابت اڳڀرائي طالبان حڪومت جي ٺوس ۽ تصديق جوڳن قدمن سان مشروط آهي طالبان حڪومت ٽي ٽي پي، بي ايل اي ۽ ٻين دهشتگرد تنظيمن خلاف اثرائتي ڪارروائي ڪري. پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب، طالبان حڪومت کي اها پڪ ڏيڻي پوندي ته افغان سرزمين کي دهشتگردي لاءِ استعمال ٿيڻ کان روڪيو ويندو. پرڏيهي ترجمان چيو آهي ته موجوده ڇڪتاڻ کي ٽياڪڙي جي ناڪامي قرار ڏيڻ درست نه آهي. ڇڪتاڻ باوجود پاڪستان امن واري عمل لاءِ پنهنجي ڪوششن کان مايوس ناهي ٿيو. اميد ته ڇڪتاڻ آخرڪار ختم ٿيندي ۽ ڌريون ڳالهين جي ميز تي واپس اينديون. ڌرين کي ڊگهي مدي ۽ پائيدار حل لاءِ سياسي ۽ فني ڳالهين جو رستو اختيار ڪرڻ گهرجي. پاڪستان تڪرار جي پائيدار حل لاءِ مثبت ۽ تعميري سفارتي ڪوششون جاري رکندو. ترجمان چيو ته مڪه جوائنٽ ڊفينس ايگريمنٽ ۾ ٻين ملڪن جي شموليت جا دروازا بند ناهن. گڏيل ذميوارين ۽ گڏيل سلامتي جي مفادن سان وابستگي رکندڙ ڪنهن به ملڪ جي شموليت تي غور ڪري سگهجي ٿو. جيڪو رياض ۽ انقره ۾ شراڪتدار ملڪن سان ويجهي صلاح مشوري کانپوءِ ڏٺو ويندو. پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب، هن وقت ڪنهن مخصوص ملڪ طرفان معاهدي ۾ شموليت جي درخواست بابت ڄاڻ ناهي. نون ملڪن جي شموليت بابت في الحال ڪا نئين اڳڀرائي ناهي ٿي.