| ڀارت شيخ حسينه کي بنگلاديش حوالي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو |
نئين دهلي (م ڊ) هندستاني حڪومت چيو آهي ته اها اڳوڻي بنگلاديشي وزيراعظم شيخ حسينه کي بنگلاديش جي حوالي نه ڪندي جيستائين اتي جمهوري طور تي چونڊيل حڪومت نه ٿي ٺهي. هندستاني پرڏيهي وزارت شيخ حسينه جي موت جي سزا تي رد عمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته هندستاني حڪومت هن فيصلي کي ڏٺو آهي ۽ هڪ ويجهي پاڙيسري جي حيثيت سان، هندستان جمهوريت، امن ۽ استحڪام جي حوالي سان بنگلاديشي عوام جي مفادن لاءِ پرعزم آهي. هندستاني حڪومت جو چوڻ آهي ته اسان بنگلاديش ۾ منصفاڻين چونڊن جي حمايت ڪريون ٿا ۽ نتيجي ۾ جيڪا به حڪومت ايندي ان سان ڪم ڪنداسين. هندستاني حڪومت جو خيال آهي ته اها شيخ حسينه کي نئين جمهوري طور تي چونڊيل حڪومت جي حوالي ڪندي.