ڀارت غلط فهمي ۾ نه رهي، ايندڙ جواب وڌيڪ تيز ۽ سخت هوندو، طالبان خارجي يا پاڪستان مان هڪ جي چونڊ ڪن: فيلڊ مارشل

ڀارت غلط فهمي ۾ نه رهي، ايندڙ جواب وڌيڪ تيز ۽ سخت هوندو، طالبان خارجي يا پاڪستان مان هڪ جي چونڊ ڪن: فيلڊ مارشل

راولپنڊي(م ڊ) چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو آهي ته ڀارت غلط فهمي  ۾ نه رهي، ايندڙ جواب وڌيڪ تيز ۽ سخت هوندو، افغانستان جي طالبان رجيم کي واضح پيغام آهي ته انهن وٽ ”خارجين يا پاڪستان“ مان ڪنهن هڪ جي چونڊ ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪو به آپشن ناهي. چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل عاصم منير ٽنهي هٿياربند فوجن جي آفيسرن کي خطاب ڪندي چيو ته نئين قائم ڪيل دفاعي فورسز هيڊ ڪوارٽر ۾ بنيادي تبديلي تاريخي نوعيت جي آهي، ڊفينس فورسز هيڊ ڪوارٽر جو قيام ان تبديلي ڏانهن هڪ ضروري وک آهي. فيلڊ مارشل عاصم منير جو چوڻ هو ته ضروري آهي ته اسان ملٽي ڊومين آپريشنز کي ٽنهي فوجن جي متحد نظام هيٺ وڌيڪ بهتر بڻايون، وڌندڙ ۽ بدلجندڙ خطرن کي ڏسندي ائين ڪرڻ ضروري آهي.هن چيو ته هر سروس پنهنجي آپريشنل تيارين لاءِ پنهنجي انفراديت برقرار رکندي، جڏهن ته ڊفينس فورسز جو هيڊ ڪوارٽر سروسز جي آپريشنز کي مربوط ۽ هم آهنگ ڪندو. مٿانهين ڪمانڊ جي گڏيل قوت سان ٽئي فوجون پنهنجي اندروني خودمختياري ۽ تنظيمي جوڙجڪ برقرار رکنديون. فيلڊ مارشل چيو ته ڀارت ڪنهن به خوش فهمي يا فريب جو شڪار نه رهي، پاڪستان جو ايندڙ جواب ان کان به وڌيڪ تيز ۽ شديد هوندو.هن چيو ته طالبان رجيم کي واضح پيغام ڏنو ويو ته وٽن وٽ خارجين يا پاڪستان مان ڪنهن هڪ جي چونڊ ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪو آپشن ناهي.چيف آف ڊفينس فورسز جو چوڻ هو ته مان ٻيهر چوان ٿو ته پاڪستان هڪ امن پسند ملڪ آهي، ڪنهن کي به پاڪستان جي خودمختياري، علائقائي سلامتي ۽ عزم کي آزمائڻ جي اجازت نه ڏينداسين، سڀ اِهو ڄاڻي وٺن ته پاڪستان جو تصور ناقابلِ تسخير آهي، پاڪستان جو بنياد حفاظت ايمان سان سرشار بهادرن ۽ متحد قوم جي پختي عزم رکيو آهي