| ڀارت نئين تاريخ لکي چڏي، ٽيهر ٽي20 چيمپئن |
احمدآباد (م ڊ) ڀارت جي ٽيم ٽي 20 ورلڊڪپ جي فائنل ۾ نيوزيلينڊ کي آئوٽ ڪلاس ڪندي فائنل کٽي ٽيون ڀيرو ٽائٽل کٽي ٽائٽل جو دفاع ڪندڙ پهرين ٽيم بڻجي وئي. نيوزيلينڊ جي ٽيم ٽاس کٽي پهرين فيلڊنگ ج فيصلو ڪيو. ڀارتي ٽاپ آرڊر شاندار راند ڪئي ۽ 5 وڪيٽن تي 255 رنسون ٺاهي وريتون سنجو سيمسن 89، ابيشيڪ شرما 52، ايشان ڪشن 54، پانڊيا 18، شوم دوبي 26 رنسون ٺاهي نمايان ره3يا. جواب ۾ نيوزيلينڊ جي ٽيم 19 اوورن ۾ 159 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. ٽم سائفرٽ 52 ۽ مچل سينٽنر 43 رنسن کانسواءِ ڪو رانديگر ڄمي نه سگهيو. بمرا 4، اڪشر پٽيل 3، پانڊيا، ورون چڪرورتي ۽ ڀيشيڪ شرما هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. ڀارت 96 رنسن تان ڪاميابي حاصل ڪئي. بمرا ميچ ۽ سنجو سيمسن ٽورنامينٽ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.