ڀارت پاران سنڌوءَ جو پاڻي روڪڻ جنگي ڪارروائي هوندي: مراد شاهه

مَي 5, 2025

ڪراچي(م ڊ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پاڪستان پرامن ايٽمي طاقت آهي، اهو  علائقائي ۽ عالمي امن لاءِ پنهنجي عزم تي قائم آهي۔ هڪ نجي ٽي وي چينل کي ڏنل  انٽرويو ۾ هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ڪوششن سان پاڪستان ايٽمي طاقت بڻيو. هن چيو ته پاڪستان ايٽمي طاقت هجڻ باوجود هميشه امن جو علمبردار رهيو آهي۔ هن ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي پاران تازو پهلگام واقعي تي پاڪستان تي لڳايل بي بنياد ۽ ڪوڙن الزامن کي رد ڪندي چيو ته  ڪو به ذميوار ملڪ ايٽمي جنگ جهڙي سوچ به نٿو رکي، اهڙو بيانيو انتهائي خطري وارو ۽ غير ذميوار آهي۔ هن وڌيڪ چيو ته پهلگام ڊرامي کانپوءِ پاڪستان شفاف جاچ جي آڇ  ڪئي، هاڻ ڀارت پاڻ ئي پنهنجي ڄار ۾ ڦاسي ويو آهي. ڀارت وٽ هاڻ ڪو به رستو نه بچيو آهي، هو هاڻ منهن لڪائڻ ۾ پورو آهي، سندن پروپئگنڊا ناڪام ٿي چڪي آهي۔ وڏي وزير پاڪستان جي سفارتي ڪوششن جي واکاڻ ڪندي چيو ته ڊپٽي وزيراعظم عالمي برادري آڏو پاڪستان جو موقف بهتر انداز ۾ پيش ڪيو. هن چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي به ساراهه ڪئي، جنهن ڀارت کي واضح ۽ مضبوط جواب ڏنو. مراد علي شاهه چيو ته ڀارت اڳ به اهڙيون حرڪتون ڪندو رهيو آهي پر هن ڀيري سندس رٿا ناڪام رهي آهي۔ سنڌ طاس معاهدي تي ڳالهائيندي هن چيو ته ڀارت هڪ طرفو  اهو معاهدو معطل نٿو ڪري سگهي. هن خبردار ڪندي چيو ته جيڪڏهن ڀارت پاڪستان جو پاڻي بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان کي جنگي ڪارروائي سمجهيو ويندو۔

Leave A Comment