| ڀارت پاڪستاني پسمنظر رکندڙ آمريڪي رانديگرن جي ويزا رد ڪري ڇڏي |
واشنگٽن (اسپورٽس نيوز) ٽي 20 ورلڊ ڪپ لاءِ آمريڪا جي نمائندگي ڪندڙ ڪرڪيٽر به ڀارت جي نفرت جو شڪار ٿي ويا آهن، ڀارت پاڪستاني پس منظر وارن چئن ڪرڪيٽرن جا ويزا رد ڪري ڇڏيا آهن.رپورٽن مطابق چئن ئي ڪرڪيٽرن جا ويزا انهن جي پاڪستاني پس منظر جي ڪري رد ڪيا ويا آهن.فاسٽ بالر علي خان سوشل ميڊيا تي پنهنجي ويزا رد ڪرڻ جو اعلان ڪيو، رپورٽن موجب احسان عادل ۽ محمد محسن جا ويزا پڻ رد ڪيا ويا آهن