| ڀارت پاڪستاني ڊرامن تي اڻ اعلانيل پابندي مڙهي ڇڏي |
لاهور (ڪلچرل ڊيسڪ) ڀارت پاڪستاني ڊرامن تي اڻ اعلانيل پابندي مڙهي ڇڏي، نيٽ فليڪس تي پاڪستاني ڊرامن کي بلاڪ ڪرڻ شروع ڪيو ويو آهي. پاڪستاني اداڪار ۽ ڳائڻي فرحان سعيد جو چوڻ آهي ته ڀارت پاڪستاني ڊرامن جي وڌندڙ مقبوليت کان ڊڄي ٿو، انهي ڪري ڊرامن تي پابندي لڳائي آهي، فرحان سعيد موجب پاڪستان کي عالمي پليٽ فارمن تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، ڇاڪاڻ ته نئون نسل پاڪستاني ڊراما وڏي شوق سان ڏسندو آهي، هندستاني ناظرين پڻ پاڪستاني ڊرامن کي تمام گهڻو پسند ڪن ٿا ڪجهه هندستاني فنڪارن پنهنجن پروڊڪشن هائوسز کي پاڪستاني طرز جي ڪهاڻين تي ڪم ڪرڻ جو مشورو به ڏنو آهي.