ڀارت پاڪ نيوي سان وڙهڻ جي همت ساري نه سگهيو: ٽرمپ ايٽمي جنگ روڪرائي: شهباز

مَي 20, 2025

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر/م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ڀارتي فوج اسان جي زميني ۽ هوائي فوج کان شڪست کائڻ کانپوءِ اسان جي بحريه سان وڙهڻ لاءِ تيار نه هئي، نه ته پاڪستان بحريه هڪ ڀيرو ٻيهر آپريشن دوارڪا جي ياد ڏياري ڇڏي ها. هن اها ڳالهه پاڪ نيوي جي ڊاڪ يارڊ جي دوري دوران نيوي  آفيسرن ۽ جوانن کي خطاب ڪندي چئي. انهي کان اڳ هن نيوي آفيسرن ۽ جوانن سان ملاقات پڻ ڪئي. ، وزيراعظم سان ٽنهي هٿياربند فوجن جا سربراهه، دفاع وارو وزير خواجه آصف، اطلاعات وارو وزير عطا تارڙ ۽ ٻيا به گڏ هئا.  هن چيو ته زميني ۽ هوائي جنگين کي ڏسڻ ۽ اسان جي بحري فوج جي تياري کي ڏسڻ کانپوءِ، هندستاني فوج پاڪستاني بحريه سان وڙهندي وڌيڪ شڪست ۽ ذلت جو شڪار ٿيڻ لاءِ تيار نه هئي. هن چيو ته ڀارتي اڳرائي وقت  فوج شيهي جي ڀت وانگر بيٺل هئي. پاڪستاني عوام به پنهنجي فوج سان گڏ بيٺل آهي. اسان جي بحريه 1965ع ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر دوارڪا لاءِ تيار هئي، هن چيو ته پاڪستان نيوي بندرگاهن ۽ واپاري رستن جي مڪمل حفاظت ڪئي، اسان کي پاڪستان نيوي جي غير معمولي ڪارڪردگي تي فخر آهي، جديد ٽيڪنالاجي ڪري پاڪ نيوي جي ڪارڪردگي ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو آهي. هن هڪ ڀيرو ٻيهر ترڪي جي صدر، سعودي عرب جي ولي عهد، يو اي اي جي صدر، قطر جي امير، آذربائيجان جي صدر ۽ ڊگهي عرصي جي دوست چين جو شڪريو ادا ڪيو. هن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته ٽرمپ امن جو خواهشمند ماڻهو آهي جنهن صحيح وقت تي ٻن ايٽمي طاقتن جي وچ ۾ جنگ کي روڪيو. آئون سندس تمام گهڻو شڪرگذار آهيان ته هن هڪ مهربان دوست جو ڪردار ادا ڪيو انهي کان اڳ وزيراعظم شهباز شريف جي ڪراچي پهچڻ تي تعليم واري وفاقي وزير خالد مقبول صديقي آجيان ڪئي،هوڏانهن وزير اعظم شهباز شريف ڪراچي چيمبر جي واپارين سان پڻ مختصر ملاقات ڪئي، ذريعن موجب وزيراعظم واپارين کان شهر جي صورتحال سميت معيشت جي حوالي سان به بريفنگ ورتي. ان حوالي سان ڪراچي چيمبر آف ڪامرس جي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم سان ڪنهن به معاملي تي ڪا خاص ڳالھ ٻولهه ناهي ٿي.

 

لاڳاپيل پوسٽون

  • ندا ياسر جي بنا ميڪ اپ مداحن کي حيران ڪري ڇڏيو

  • ڪراچي: نينگر سان بدفعلي، مک جوابدار گرفتار

  • ايران جو اسرائيل تي ڏهون وڏو حملو

  • ڪراچي ۾ فائرنگ، عورت قتل