ڀارت پاڻي ٺاهه هڪ طرفو ختم نه ٿو ڪري سگھي، مُنھن ٽوڙ جواب ڏينداسين:وڏو وزير
مَي 2, 2025
ميرپورخاص: ميرپورخاص ۾ جلسي کي خطاب ڪندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ڀارت جيڪا جارحيت ڪري رھيو آھي، ان جي شديد مذمت ڪريان ٿو، دشمن بُري نظر سان ڏٺو ته کيس مُنھن ٽوڙ جواب ڏينداسين. ھن چيو ته ڀارت سنڌ طاس معاھدي کي يڪطرفو ختم نه ٿو ڪري سگھي. ھن چيو ته ڪئنالن وارين رٿائن کي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ختم ڪرايو آھي، اسان ڀارت کي به ٻڌائڻ چاھيون ٿا ته ڪنھن کي به پاڻيءَ تي جارحيت ڪرڻ نه ڏينداسين. ھن چيو ته ايڪنڪ ڪئنالن جي منظور ڏني، اھو فيصلو نگران حڪومت ۾ ٿيو، پيپلزپارٽيءَ بلاول ڀٽو جي قيادت ۾ اھا رٿا ختم ڪرائي آھي. ھن چيو ته پروپيگنڊا ڪئي وئي ته صدر زرداريءَ ان جي منظوري ڏني آھي، اسان ان کي به مُنھن ٽوڙ جواب ڏنو آھي. وڏي وزير چيو ته اسان اھو فيصلو به ڪرايو آھي ته جيستائين سنڌ جو عوام نه چاھيندو، تيستائين سنڌو درياءَ مان ڪو به ڪئنال نه نڪرندو.