نئين دهلي ( پنهنجي ڊيسڪ )ڀارت لاءِ هڪ تاريخي لمحو، چندرايان 3 ڪاميابيءَ سان چنڊ جي اونداهي پاسي تي پهچي ويو آهي
ان ڏس ۾ هندستان جي خلائي ايجنسي ISRO جو چندران 3 مشن چنڊ جي اونداهي پاسي تي لينڊ ڪرڻ لاءِ 14 جولاءِ تي لانچ ڪيو ويو هو ۽ آگسٽ جي شروعات ۾ قمري مدار ۾ داخل ٿيو
وڪرم نالي لينڊر 17 آگسٽ تي ڪاميابيءَ سان پروپلشن ماڊل کان الڳ ٿي ويو، جنهن کانپوءِ اڄ مشن ڪاميابيءَ سان چنڊ تي لينڊ ڪيو آهي
مشن جي ڪاميابي کان پوءِ ڀارت دنيا جو پهريون ملڪ بڻجي ويو جيڪو چنڊ جي ڏکڻ قطب تي پهچي ويو ۽ چنڊ تي نرم لينڊنگ ڪندڙ دنيا جو چوٿون ملڪ بڻجي ويو
ان کان اڳ آمريڪا، روس ۽ چين قمري خط استوا جي ويجهو نرم لينڊنگ ڪري چڪا آهن.