| ڀارت کي سبق سيکاريو افغانستان ڪا ڳالهه ئي ناهي، گهر ۾گهڙي ماري سگهون ٿا: نائب وزيراعظم |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته افغانستان جي دوري دوران افغان پرڏيهي وزير امير متقي چيو هو ته هن پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪِ طالبان پاڪستان( ٽي ٽي پي ) جي ڪجهه ماڻهن کي گرفتار ڪيو آهي پر کيس واضح ڪيو ته ڪجهه سئو ماڻهن جي گرفتاري ڪافي ناهي. افغانستان ٽي ٽي پي اسان جي حوالي ڪر يا کين غرق ڪري ڇڏي، طالبان ڌرتي استعمال ٿيڻ نه ڏين، پريس ڪانفرنس ڪندي اسحاق ڊار جو چوڻ هو ته ماسڪو، بحرين ۽ برسلز جا دورا ڪيا، ماسڪو ۾ ايس سي او سربراهي ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي، ماسڪو اجلاس ۾ پاڪستان جي معاشي ترجيحن تي روشني وڌي، يورپي يونين کي ٻڌايو ته افغانستان دهشتگردي جي خاتمي بابت پنهنجا واعدا پورا ناهن ڪيا، پاڪستان سٺي نيت تي ٻڌل قدم کنيا جنهن کي افغانستان به مڃيو پر افغانستان طرفان دهشتگردي بابت ڪيل واعدا نه پاڙيا ويا ۽ صورتحال وڌيڪ بگڙي وئي.