ڀارت کي پاڻي هٿيار طور استعمال ڪرڻ نه ڏينداسين: وزيراعظم
مَي 31, 2025
ڪوئيٽا (پنهنجي ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ڀارت کي سنڌ طاس معاهدي کي معطل ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي ۽ نه ئي پاڻي کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏينداسين.
ڪوئيٽا ۾ ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪاليج ۾ آفيسرن کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪاليج هميشه بهترين خدمتون سرانجام ڏنيون آهن.
وزيراعظم شهباز شريف وڌيڪ چيو ته هٿياربند فوج اسان جي خودمختياري ۽ سالميت جون محافظ آهن. ڀارت پهلگام واقعي جي اوٽ ۾ جارحيت جي ڪوشش ڪئي. پاڪستان نه رڳو هندستاني جارحيت جو جواب ڏنو، پر صورتحال کي به بدلائي ڇڏيو. آرمي چيف ثابت ڪيو ته هو فيلڊ مارشل جي عهدي جو مستحق آهي. ايئر چيف مارشل ظهير بابر ڀارتي جهاز کي ڪيرائي پنهنجي پيشيورانه صلاحيت جو ثبوت ڏنو.
وزيراعظم چيو ته ڀارت کي جنگ جي ميدان ۽ سفارتي محاذن تي شڪست جو منهن ڏسڻو پيو. ڀارت کي سنڌطاس معاهدي کي معطل ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. ڀارت کي پاڻي کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. ڀارت پنهنجي جارحيت ۾ بيگناهه شهري ماڻهن کي نشانو بڻايو. جيڪڏهن ڪا وڌيڪ جارحيت ٿي ته ان جو مناسب جواب ڏنو ويندو.
هن چيو ته هٿياربند فوجن سڀني تجربن ۾ شاندار خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. اسان جي هٿياربند فوجن شاندار خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. هوائي فوج هڪ تاريخي ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي، 7 اعليٰ قدر وارن هدفن کي نشانو بڻايو آهي.
وزيراعظم چيو ته فيلڊ مارشل عاصم منير جي پيشيوراڻي صلاحيتن جي ڪري تاريخي ڪاميابي حاصل ٿي. حڪومت ۽ عوام کي پنهنجي هٿياربند فوجن تي فخر آهي. خدا اسان کي شاندار فتح سان نوازيو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان کي درپيش خطرا صرف روايتي جنگ تائين محدود نه آهن، آءِ ايم ايف سان ڪامياب معاهدي معيشت کي مستحڪم ڪيو آهي، معاشي استحڪام لاءِ بنيادي سطح تي سڌارن جي ضرورت آهي، معاشي بهتري عام ماڻهو جي زندگين کي بهتر بڻايو آهي، مهانگائي جي شرح 38 سيڪڙو کان گهٽجي سنگل ڊيجيٽ تي اچي وئي آهي.