ڀارت کي ڀرپور جواب: بنگلاديش ۾ آءِ پي ايل جي نشريات تي پابندي

ڀارت کي ڀرپور جواب: بنگلاديش ۾ آءِ پي ايل جي نشريات تي پابندي

ڍاڪا (اسپورٽس نيوز) بنگلاديش، ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ پنهنجي ڪرڪيٽ ٽيم ڀارت نه موڪلڻ واري اعلان جي ٻئي ڏينهن ئي ملڪ ۾ آءِ پي ايل ميچن جي نشريات تي پابندي مڙهي ڇڏي. بنگلاديشي فاسٽ بالر مستفيض الرحمان کي هندو انتها پسندن جي ڌمڪين کانپوءِ بالي ووڊ سپر اسٽار شاهه رخ خان جي آءِ پي ايل فرنچائز ڪولڪتا نائيٽ رائيڊرز (ڪي ڪي آر) مان رليز ڪيو ويو هو. بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ طرفان ان حوالي سان آءِ سي سي کي باضابطا درخواست پڻ ڏني وئي ته بنگلاديش جون ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ جون ميچون ڀارت بدران سريلنڪا منتقل ڪيون وڃن. هاڻي تازي اڳڀرائي طور بنگلاديشي حڪومت ملڪ ۾ انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) جي ٽيليڪاسٽ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. حڪومت طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ڀارتي ليگ تي پابندي اڻڄاتل مدي تائين لاڳو رهندي.