ڀارت ۾ اي آءِ اداڪاره جي هڪ منٽ واري جي سيريز شروع

ڀارت ۾ اي آءِ اداڪاره جي هڪ منٽ واري جي سيريز شروع

ممبئي(ڪلچرل ڊيسڪ) هندستان جي تفريحي دنيا ۾ مصنوعي ذهانت اي آءِ هڪ ٻيو سنگ ميل پار ڪري ورتو. ڀارت جي پهرين مصنوعي ذهانت واري اداڪاره نينا اُتار پنهنجي پهرين مائڪرو ڊراما سيريز “ٽرٿ اينڊ لائيز” ( سچ ۽ ڪوڙ) سان اداڪاري جي شروعات ڪئي، جيڪو 21 آڪٽوبر 2025 تي انسٽاگرام تي رليز  ٿيو، ڊرامي جي  ڪهاڻي ممبئي جي هڪ رات جي پسمنظر ۾ فلمائي وئي آهي، دوستي، غداري ۽ اعتماد جهڙن موضوعن کي هڪ منٽ جي قسطن ۾  پيش ڪيو ويو آهي. اهو ڊرامو عورتن جي هڪ ٽيم پاران ٺاهيو ويو آهي. ميڊيا موجب نينا اُتار صرف هڪ ڊجيٽل ڪردار ناهي پر انساني جذبن، ثقافت ۽ انساني ڪهاڻين کي سمجهڻ ۽ ڏيکارڻ لاءِ ٺاهيو ويو آهي.سيريز ۾ مصنوعي ذهانت، ٿري ڊي ٽيڪنالاجي ۽ حقيقي وقت جي ڪهاڻي ٻڌائڻ جي ٽيڪنڪ کي گڏ ڪيو ويو آهي هر قسط کي نشر ٿيڻ کان اڳ اخلاقي معيارن مطابق  جاچيو پڻ ويندو آهي