نئين دهلي (م ڊ) ڀارت ۾ باٿ روم اندر ڪيمرا لڳائڻ تي اسڪول پرنسپال کي ڪٽڪو ڏنو ويو
ڀارتي رياست مهاراشٽرا جي هڪ اسڪول جي باٿ روم ۾ لڳل ڳجهي ڪيمرا پڪڙجڻ کان پوءِ شاگردن هندو انتهاپسند تنظيم بجرنگ جي ڪارڪنن سان گڏ پرنسيپال کي ڪٽڪو ڏنو
مقامي ميڊيا موجب اسڪول جي شاگردن ۽ ڪارڪنن الزام لڳايو ته پرنسيپال ڇوڪرين جي باٿ روم ۾ ڳجهي ڪيمرا لڳائي رهيو هو. سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ وڊيو ۾ ڏسي سگھجي ٿو ته 25 کان 30 ماڻهن تي ٻڌل هجوم پرنسيپال کي اسڪول جي اڱڻ ۾ ڊوڙائي ڊوڙائي ڪٽڪو ڏئي رهيا آهن
ان دوران پرنسيپال جا ڪپڙا به ڦاڙيا ويا. واقعي کان پوءِ پوني ۾ قائم اسڪول جي انتظاميا جو موقف سامهون آيو جنهن ۾ ڳجهي ڪيمرا لڳائڻ جي دعويٰ جي ترديد ڪئي وئي
انتظاميا چيو ته پرنسيپال سخت مزاج آهي، کيس منصوبي تحت تشدد جو نشانو بڻايو ويو. ٻئي پاسي شاگردن ۽ هندو انتهاپسند تنظيم جي ڪارڪنن اهو به الزام لڳايو ته پرنسيپال جو واسطو عيسائي مذهب سان آهي ۽ هو شاگردن کي عيسائي تعليم تي مجبور ڪندو هو.پوليس جاچ شروع ڪري ڏني آهي.