| ڀارت ۾ بولڊ پوز ڏيڻ تي پڇتاءُ اٿم: مونا ليزا |
لاهور (ڪلچرل ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪاره مونا ليزا المعروف ساره لورين پنهنجي بولڊ اميج تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته مون کي ماضي ۾ ڪيل فيصلن تي پڇتاءُ آهي.تازي پوڊ ڪاسٽ ۾ پنهنجي شوبز ڪيرئر تي خيالن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته ڏسندڙ مون کي بولڊ شخصيت سمجهندا آهن پر حقيقي زندگي ۾ اهڙي ناهيان.سندس چوڻ هو ته مون ڀارت ۾ ڪم دوران ڪجهه نامناسب شوٽس ڪرايا، جيڪي نه ڪرڻ گهرجن ها.ساره لورين چيو ته نامناسب سينز سبب ماڻهن مون بابت اهڙو تاثر قائم ڪيو، جيڪو منهنجي اصل شخصيت کان مختلف آهي آئون ماضي جي فيصلن تي پڇتاءُ محسوس ڪري رهي آهيان.