| ڀارت ۾ بيڊمنٽن جون ڪي سهولتون ناهن: ڊينش رانديگرياڻي |
نئين دهلي (اسپورٽس نيوز) ڊينش رانديگر هندستان ۾ جاري انڊين اوپن 2026ع ۾ خراب سهولتن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. ميچ کان پوءِ ڳالهائيندي بيڊمنٽن رانديگرياڻي ميا بليچفيلڊٽ چيو ته گذريل سال جي مقابلي ۾ هن سال صورتحال ۾ ڪا به بهتري نه آئي آهي، جيڪا رانديگرن لاءِ پريشاني جو سبب آهي. راند لاءِ مهيا ڪيل سهولتون تمام خراب آهن. ڪورٽ ۽ مجموعي ماحول صاف نه آهي. هن افسوس جو اظهار ڪيو ته جيڪڏهن مستقبل ۾ وڏن ايونٽس دوران ساڳي صورتحال جاري رهي ته اها رانديگرن سان ناانصافي ٿيندي. ميا بليچفيلڊٽ مطالبو ڪيو ته بيڊمنٽن ورلڊ فيڊريشن انهن مسئلن جو سنجيدگي سان نوٽيس وٺي. هن چيو ته موجوده حالتن ۾، رانديگرن لاءِ پنهنجي بهترين ڪارڪردگي ڏيکارڻ ڏکيو آهي.