ممبئي ( شوبز نيوز) ڀارت ۾ ثقافتي شو دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ گلوڪارا زخمي ٿي پئي جنهن کي فوري طور اسپتال منتقل ڪيو ويو
ميڊيا رپورٽن موجب بهار ۾ ثقافتي شو دوران خوشي ۾ فائرنگ ڪئي پئي وئي ته گولي لڳڻ سبب لوڪ گلوڪارا نيشا اپاڌيئي سخت زخمي ٿي پئي
واقعي سبب ڪنسرٽ ۾ ڀاڄ پئجي وئي، انتظاميا گلوڪار کي فوري طور اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو جتي هن جو علاج ڪيو ويو
ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته نيشا جي حالت خطري کان ٻاهر آهي، هن جو علاج ڪيو پيو وڃي