| ڀارت ۾ جهنگلي هاٿي بي قابو: حملن ۾ 20 ڄڻا مارجي ويا |
نئين دهلي (انٽريسٽنگ نيوز) ڀارت ۾ جهنگلي هاٿي بي قابو ٿي ويو، حملن ۾ 20 ڄڻا مارجي ويا، ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيڻ جا پڻ اطلاع مليا آهن. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڀارتي رياست جهارکنڊ ۾ هڪ جهنگلي هاٿي اوچتو شهري آبادي ۾ اچي ويو آهي جنهن حملن ۾ 9 ڏينهن دوران 20 ڄڻن جون حياتيون کسي ورتيون آهن. .اختيارين موجب اهي واقعا پهرين کان 9 جنوري جي وچ ۾ پيش آيا پر اڃا تائين هاٿي کي قابو ۾ ناهي آندو ويو.ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته متاثر علائقن ۾ هاءِ الرٽ جاري ڪيو ويو آهي، جڏهن ته هڪ سئو کان وڌيڪ فاريسٽ اهلڪارن تي ٻڌل ٽيم هاٿي جي ڳولا ۽ نگراني ۾ مصروف آهي.اختيارين موجب هاٿي رات جي وقت پنهنجي جاءِ تبديل ڪندو رهي ٿو، جنهن سبب ان کي ڳولڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي رهي آهي، هاٿي اڪيلائي جو شڪار آهي ۽ امڪان آهي ته ان جو جارحاڻو رويو ايندڙ 15 کان 20 ڏينهن ۾ گهٽجي وڃي.