ڀارت ۾ دهشتگردي واقعو جنگ سمجهيو وڃي ٿو: بلاول

جُون 6, 2025

واشنگٽن (پنهنجي ڊيسڪ) پاڪستاني سفارتي ڪميٽي جي سربراهه ۽ پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته جيڪڏهن ڀارت ۾ ڪٿي به دهشتگردي جو ڪو واقعو ٿئي ٿو، ثبوت هجن يا نه، ان کي جنگ سمجهيو ويندو آهي.

ميڊيا موجب بلاول ڀٽو زرداري جي اڳواڻي ۾ پاڪستاني وفد آمريڪي قانون سازن سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾خطي جي امن ۽ استحڪام جي اهميت کي اجاگر ڪيو ۽ پاڪ-ڀارت جنگ ۾ آمريڪي ڪردار جي تعريف ڪئي وئي.

آمريڪي وفد ۾ ڪانگريس ميمبر جڪ برگمن، ٽام سوزي، رائن زنڪي، ميڪسن واٽرز، ال گرين، جونٿن جيڪسن، هينڪ جانسن، اسٽيسي پلڪٽ، هينري ڪيولر ۽ ٻيا ميمبر شامل هئا.

ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته وزيراعظم شهباز شريف هن وفد کي امن جو مشن نالو ڏنو آهي. هن مشن ۾ هندستان سان ڳالهين ۽ سفارتڪاري ذريعي مسئلن جو حل ڳولڻ شامل آهي. جنگ بندي يقيني طور تي ڀليڪار ڪيون ٿا، پر هي صرف شروعات آهي.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڀارت ۽ پاڪستان، ڏکڻ ايشيا ۽ اڻ سڌي طرح سڄي دنيا اڄ هن بحران جي شروعات کان وڌيڪ غير محفوظ آهي. تاريخ ۾ پاڪستان ۽ هندستان جي وچ ۾ مڪمل جنگ جي حد ڪڏهن به ايتري گهٽ نه رهي آهي. هندستان ۾ ڪٿي به دهشتگردي جو ڪو به واقعو ٿيو ته ڇا ان جا ثبوت موجود هجن يا نه، پر ان کي جنگ سمجهيو ويندو آهي.

ڪانگريس جي ميمبرن سان ملاقات ۾بلاول زرداري آمريڪي قانون سازن کي هندستان جي هڪ طرفي طور تي سنڌو پاڻي معاهدي جي معطلي جي ممڪن نتيجن کان آگاهه ڪيو ۽ چيو ته هندستان جو 240 ملين پاڪستانين لاءِ پاڻي بند ڪرڻ جو اشارو هڪ وجودي خطرو آهي. جيڪڏهن ڀارت هي قدم کڻندو ته اهو جنگ جو اعلان هوندو.

 پ پ چيئرمين چيو ته جيڪڏهن آمريڪا اسان جي امن مشن ۾ اسان جي مدد ڪري ۽ امن جي پويان پنهنجي طاقت لڳائي ته اهو هندستان کي قائل ڪري سگهي ٿو. جيڪڏهن مسئلا حل ڪرڻا آهن ته پوءِ هندستان کي اهڙين پاليسين تي عمل ڪرڻ کان روڪيو وڃي جيڪي خطي ۽ دنيا ۾ عدم استحڪام جو سبب بڻجي سگهن ٿيون.

بعد ۾ آمريڪي ڪانگريس جي ميمبرن پاڪستاني وفد کي ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پنهنجي مڪمل حمايت جو يقين ڏياريو.

ان کان علاوه بلاول ڀٽو وفد سان گڏ آمريڪي هائوس آف ريپريزنٽيٽوز جي پرڏيهي معاملن جي ڪميٽي جي ميمبرن سان پڻ ملاقات ڪئي، جنهن دوران ڏکڻ ايشيا جي موجوده صورتحال، ڪشمير مسئلي ۽ آمريڪا-پاڪستان لاڳاپن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، جڏهن ته بلاول ڀٽو وفد کي ڀارتي جارحيت جي تازين واقعن بابت آگاهه ڪيو.

ان موقعي تي بلاول ڀٽو چيو ته سنڌو پاڻي معاهدي جي هڪ طرفي معطلي عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آهي ۽ ڀارت پاڻي وسيلن کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ جي هڪ خطرناڪ مثال قائم ڪري رهيو آهي.

بلاول ڀٽو والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي بگڙجندڙ صورتحال تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ڪشميري عوام کي گڏيل قومن جي قراردادن موجب خودمختياري جو حق ڏنو وڃي.

لاڳاپيل پوسٽون

  • ايران جو اسرائيل تي ڏهون وڏو حملو

  • ايران جو صبح سوير اسرائيل تي وڏو حملو ، 100 کان وڌيڪ ميزائل فائر، 14 اسرائيلي مارجي ويا ۽ 380 زخمي ٿيا

  • ساڍا 4 سئو پاڪستاني وطن واپس

  • ايران جو وڏو جواب، اسرائيل مٿان 50 ميزائل فائر