ڀارت ۾ سخت گرمي ۽ گُهٽ سبب 54 ماڻهو فوت

جُون 18, 2023

نئين دهلي( و ڊ) ڀارتي رياست اتر پرديس ۾ اونهاري جي بدترين گرمي جي لهر ۾ 54 ماڻهو فوت  ٿي ويا آهن ۽ 400 کان وڌيڪ علاج هيٺ آهن

 ان ڏس ۾ڀارتي ميڊيا موجب اتر پرديس رياست ۾ گرمي جي لهر سبب ماڻهن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٿي وئي آهي ۽ ڊگهي لوڊشيڊنگ شهرين جي زندگي مفلوج بڻائي ڇڏي آهي

 بجلي جي لوڊشيڊنگ تي شهرين احتجاج پڻ ڪيا آهن سخت گرمي سبب فوتين جو انگ 54 ٿي ويو آهي. فوت ٿي ويلن مان اڪثر جي عمر 60 سالن کان مٿي آهي

ڊاڪٽرن بزرگن کي گرمي ۾ ٻاهر نڪرڻ کان منع ڪري ڇڏي آهي. فوتين جي ڪري قبرستانن ۾ گنجائش گهٽ ٿي وئي آهي ۽ اسپتالن ۾ مريضن لاءِ بيڊ به ناهن بچيا

 فوتگين ۾  اضافي جو ڪارڻ بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ، طبي سهولتن جي کوٽ ۽ حڪومت جي بدانتظامي آهي، اپريل ۾ به سخت گرمي سبب ممبئي ۾ 13 ڄڻا فوت ٿي ويا هئا.

Leave A Comment