ڀارت ۾ سليڪٽ نه ڪرڻ تي ڪوچ تي قاتلاڻو حملو، سخت زخمي

دهلي (اسپورٽس نيوز) ڀارت جي ڊوميسٽڪ ٽي 20 ڪرڪيٽ چيمپئن شپ، سيد مشتاق علي ٽرافي ۾ نظرانداز ڪرڻ تي انڊر 19 هيڊ ڪوچ تي حملو ڪيو ويو. ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن آف پونڊيچيري (سي اي پي) انڊر 19 هيڊ ڪوچ ايس وينڪٽرامن تي ٽن مقامي ڪرڪيٽرن پاران سيد مشتاق علي ٽرافي ٽورنامينٽ لاءِ نه چونڊڻ کان پوءِ ‘مارڻ جي ارادي’ سان حملو ڪيو ويو. اهو واقعو 8 ڊسمبر جي صبح جو پيش آيو. ڪوچ کي مبينا طور تي مٿي ۽ ڪلهي ۾ زخم رسيا جنهن جي ڪري سندس مٿي تي 20 ٽانڪا لڳا. واقعي جي ايف آءِ آر درج ڪئي وئي آهي ۽ جوابدار ڪرڪيٽر مبينا طور تي فرار آهن. وينڪٽرامن دعويٰ ڪئي آهي ته ڀارتيه داسنا پونڊيچيري ڪرڪيٽرز فورم جي سيڪريٽري جي چندرن ٽنهي ڪرڪيٽرن کي حملو ڪرڻ لاءِ اُڪسايو. ڪرڪيٽر ڪارٿيڪيان،

 اروند دراج ۽ سنتوش ڪمار حملي ۾ ملوث آهن. فورم جي صدر، سينٿل ڪماران، سيڪريٽري جي. چندرن تي لڳايل الزامن کي رد ڪري ڇڏيو آهي.