ڀارت ۾ عورت جي عزت بچائيندڙ پرڏيهي رانديگر لٺيون هڻي قتل

ڀارت ۾ عورت جي عزت بچائيندڙ پرڏيهي رانديگر لٺيون هڻي قتل

هريانا (اسپورٽس نيوز) ڀارت جي هريانا جي شهر روهتڪ ۾ هڪ عورت کي هراسان ڪرڻ کان بچائڻ تي بين الاقوامي رانديگر روهت کي قتل ڪيو ويو. پوليس موجب هڪ سيلفي تي جهيڙو ٿيو، جڏهن ته ڀارتي ميڊيا موجب بين الاقوامي پيرا ويٽ لفٽنگ رانديگر روهت تي هڪ شادي جي تقريب ۾ لڳ ڀڳ 10 مهمانن هٿيارن ۽ لٺين سان حملو ڪيو. کيس شروعات ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو پر روهت ٻن ڏينهن تائين اسپتال ۾ علاج ڪرڻ کان پوءِ فوت ٿي ويو. ذريعن موجب، تقريب دوران، راهول نالي هڪ شرابي شخص عورتن کي قابل اعتراض لفظ چوڻ شروع ڪيا. روهت ان جي مخالفت ڪئي، جنهن جي ڪري شروعاتي طور تي جهيڙو ٿيو، پر مهمانن معاملو حل ڪري ڇڏيو. شادي جي تقريب مان واپسي تي راهول ۽ سندس دوستن روهت جي ڪار کي روڪيو ۽ لٺين ۽ لوهه جي راڊ سان حملو ڪيو، جنهن ۾ هو سخت زخمي ٿي پيو.