ڀارت ۾ قومي تراني بعد وندي ماترم نه پڙهڻ به ڏوهه قرار

ڀارت ۾ قومي تراني بعد وندي ماترم نه پڙهڻ به ڏوهه قرار

نئين دهلي (م ڊ) ڀارت ۾ ”وندي ماترم“ جي توهين يا پڙهڻ ۾ رنڊڪ وجهڻ تي سزا وارو بل منظور ڪيو ويو آهي، جنهن تحت اهڙي عمل تي ٽن سالن تائين قيد جي سزا ٿي سگهي ٿي. ڀارتي مملڪتي گهرو وزير نتيانند راءِ طرفان پيش ڪيل بل، صدر جي منظوري کانپوءِ قانوني صورت اختيار ڪندو. ان ڏس ۾ نتيانند راءِ چيو ته هي بل ڪنهن فرد يا نظريي خلاف نه پر قومي وقار ۽ گڏيل قومي شعور جي تحفظ لاءِ آندو ويو آهي. ٻئي پاسي ڪانگريس سميت سمورين مخالف ڌر جي پارٽين بل جي مخالفت ڪندي ان کي آئين جي سيڪيولر حيثيت ۽ مذهبي آزادي جي خلاف قرار ڏنو. مخالف ڌر جو چوڻ آهي ته دستور ساز اسيمبلي اڳ ئي ”وندي ماترم“ جا رڳو ٻه بند منظور ڪيا هئا، تنهن ڪري نئين قانون جي ضرورت نه هئي. آل انڊيا مجلس اتحاد المسلمين جي صدر ۽ پارليامينٽ ميمبر اسدالدين اويسي چيو ته بل مذهبي آزادي جي آئيني ضمانت جي ڀڃڪڙي آهي، ڇاڪاڻ ته ”وندي ماترم“ ۾ ديوين ۽ ديوتائن جي پوڄا جو تصور شامل آهي. هي قانون ڀارت کي ”هندو راشٽر“ بڻائڻ جي ڪوشش جو حصو آهي. آل انڊيا مسلم پرسنل لا بورڊ پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن مان ”وندي ماترم“ جي توهين کي سزا جوڳو ڏوهه قرار ڏيندڙ ترميمي بل جي منظوري تي سخت ڳڻتي ظاهر ڪندي ان کي ڀارتي آئين جي سيڪيولر ۽ جمهوري روح جي ابتڙ قرار ڏنو آهي.