ڀارت ۾ نفرت انگيز تقريرن ۾ خوفناڪ اضافو ٿيو آهي: آمريڪي ادارو

ڀارت ۾ نفرت انگيز تقريرن ۾ خوفناڪ اضافو ٿيو آهي: آمريڪي ادارو

واشنگٽن (م ڊ) آمريڪا ۾ قائم هڪ اين جي او هندستان ۾ نفرت انگيز تقرير تي هڪ رپورٽ جاري ڪئي آهي. ‘هيٽ اسپيچ ايونٽس ان انڊيا’ ۾ چيو ويو آهي ته 2025 ۾ هندستان ۾ نفرت انگيز تقرير جا ڪل 1,318 واقعا رڪارڊ ڪيا ويا. اهو 2024 جي ڀيٽ ۾ 13 سيڪڙو واڌ ۽ 2023 جي ڀيٽ ۾ 97 سيڪڙو واڌ جي نمائندگي ڪري ٿو. اتراکنڊ جو وڏو وزير پشڪر سنگهه ڌامي نفرت انگيز تقرير ڪندڙن جي فهرست ۾ سڀ کان مٿي آهي ۽ اتر پرديش کي سڀ کان وڌيڪ نفرت انگيز تقرير واري رياست چيو ويو آهي. بي جي پي رپورٽ کي مڪمل طور تي رد ڪري ڇڏيو آهي. اتراکنڊ ۽ اتر پرديش ۾ بي جي پي جي حڪومت آهي. بي جي پي جي دعويٰ آهي ته پرڏيهي ايجنسيون، چاهي آمريڪا جون هجن يا ٻئي هنڌ جون، ملڪ ۾ انتشار پکيڙڻ لاءِ اهڙيون رپورٽون شايع ڪن ٿيون