ڀارت ۾ ٻن ٽرينن ۾ ٽڪر، 280 ڄڻا فوت، 900 کان وڌيڪ زخمي

جُون 3, 2023

نئين دهلي (پنهنجي ڊيسڪ) ڀارت ۾ ٻن ٽرينن وچ ۾ ٽڪر ٿيڻ ڪري 280 ماڻهو فوت ٿي ويا، 900 کان وڌيڪ زخمي، قيامت جا منظر، امدادي ڪارروايون جاري آهن

ڀارتي رياست اڙيسا ۾ مسافر ٽرين ٽريڪ تان لهي مال بردار ريل گاڏيءَ سان ٽڪرائجي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 280 ماڻهو فوت ۽ 900 زخمي ٿي پيا

ڀارتي ميڊيا موجب حادثو ان وقت پيش آيو، جڏهن ڪولڪتا کان چَناءِ ويندڙ شاليمار ايڪسپريس جون 8 بوگيون ٽريڪ تان لهي ٻئي ٽريڪ تي ڪري پيون

پويان ايندڙ ٻي ٽرين بوگين سان ٽڪرائجي وئي، بوگين ۾ ڦاٿل ماڻهن کي ڪڍڻ لاءِ امدادي ڪارروائيون جاري آهن

Leave A Comment