| ڀارت ۾ کيڏو يا پوائنٽس تان هٿ کڻو: بنگلاديش جي ميچ منتقلي واري درخواست رد |
دبئي/نئين دهلي/ڍاڪا (اسپورٽس نيوز)ڀارتي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ميچون ڀارت مان منتقلي لاءِ بنگلاديش جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي.رپورٽ موجب، بنگلاديش ڀارت کان ٻاهر ڪنهن ٻئي هنڌ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جون ميچون منتقل ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي، پر آءِ سي سي درخواست رد ڪندي بنگلاديش کي ميچن لاءِ ڀارت وڃڻ جو چيو ۽ ڀارت نه وڃڻ جي صورت ۾ پوائنٽس کان هٿ ڌوئڻو پوندو.ٻئي پاسي، بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ دعويٰ ڪئي آهي ته گورننگ باڊي طرفان اهڙو ڪو به الٽيميٽم نه ڏنو ويو آهي.