| ڀارت ۾ ڪرسي تي ويٺل پيرسن عورت تي ڀولڙن جو حملو: زخمي |
هريانا (انٽريسٽنگ نيوز) ڀارت ۾ هڪ بزرگ عورت ڀولڙي جي حملي ۾ زخمي ٿي پئي، جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي.ڀارت جي رياست هريانا ۾ هڪ افسوسناڪ واقعو پيش آيو جتي ڀولڙن جي هڪ ٽولي هڪ بزرگ عورت تي حملو ڪيو جيڪا سندس گهر جي ٻاهران ڪرسي تي ويٺي هئي.وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته بزرگ عورت پنهنجي گهر جي ٻاهران ڪرسي تي ويٺي هي ته اوچتو ڀولڙن مٿس حملو ڪري ڏنو.هڪ ڀولڙي عورت کي ڪرسي تان لاهڻ جي ڪوشش ڪئي، جڏهن ته ٻئي سندس وار ڇڪڻ شروع ڪيا، حملي ۾ عورت جي جسم تي زخم رسيا. جنهن جي نتيجي ۾ کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي کيس طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي.