| ڀارت ۾ گهوٽ ڏاج جا 99 لک 99 هزار 9 سئو 97 رپيا موٽائي ڇڏيا |
اترپرديش (انٽريسٽنگ نيوز) ڀارت جي اتر پرديش رياست جي مظفر نگر ضلعي ۾ هڪ نوجوان گهوٽ جي غير معمولي فيصلي جي سوشل ميڊيا تي تمام گهڻي ساراهه ٿي آهي. شادي جي تقريب دوران گهوٽ ڪنوار جي خاندان پاران پيش ڪيل 31 لک ڀارتي رپين (تقريبن 10 ملين پاڪستاني رپيا) جي ڏاج کي قبول ڪرڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو ۽ صرف هڪ رپيو قبول ڪيو، جنهن کي سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙ ڏاج جي خلاف هڪ مضبوط ۽ باوقار پيغام قرار ڏئي رهيا آهن. رپورٽن مطابق اوديش رانا 22 نومبر تي هڪ مقامي بينڪويٽ هال ۾ شهاب الدين پور ڳوٺ جي رهواسي اديتي سنگهه سان شادي ڪئي. تلڪ جي تقريب دوران، ڪنوار جي خاندان روايتي طور تي 31 لک ڀارتي رپيا ڏاج جي طور تي پيش ڪيا، پر اوديش سڀني جي سامهون هٿ ٻڌي هن رقم کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ ڏاج جي خلاف پنهنجو واضح موقف ظاهر ڪيو. اوديش رانا چيو ته هو ناگوا جو رهواسي آهي ۽ سندس خاندان هميشه ڏاج جي رواج جي خلاف رهيو آهي. اسان کي 31 لک رپيا ڏنا پيا وڃن پر اسان اهي پئسا واپس ڪيا، هن چيو اسان جو خيال آهي ته ڏاج جو نظام غلط آهي ۽ ان کي مڪمل طور تي ختم ڪيو وڃي. گهوٽ اهو به چيو ته شادي جهڙو مقدس رشتو ڪنهن به مالي بار تي ٻڌل نه هجڻ گهرجي، ۽ نه ئي پيءُ کي پنهنجي ڌيءَ جي شادي لاءِ قرض وٺڻ تي مجبور ڪيو وڃي.