| ڀارت ۾ 10 هين ماڙ تان ڪرندڙ شخص معجزاڻي نموني بچي ويو |
نئين دهلي(انٽريسٽنگ نيوز) ڀارت ۾ 10 هين ماڙ تان ڪرندڙ شخص معجزاڻي نموني بچي ويو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڀارتي شهر سورت ۾ هڪ 57 ورهين جو شخص نيتن سمهڻ دوران پاسو مٽائيندي هيٺ ڪري پيو، همراهه 10 هين ماڙ تان هيٺ ڪرڻ بعد اٺين ماڙ جي فليٽ ۾ دري ۾ لڳل لوهي ڄار ۾ ڦاسي پيو، اطلاع ملڻ تي فائربرگيڊ عملو پهچي ويو، جنهن وڏي جدوجهد بعد کيس بچائي ورتو ، ٻئي طرف واقعي جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي جنهن ۾ همراهه کي اٺين ماڙ تي دري ۾ لڳل لوهي ڄار ۾ ڦاٿل ۽ هيٺ لٽڪيل نموني ڏسي سگهجي ، صارفين اهڙو خوفناڪ منظر ڏسي حيران ٿي ويا آهن. پوليس موجب نيتن کي ريسڪيو عملي رسين ۽ سيفٽي بيلٽ ٻڌي هيٺ لاٿو جڏهن ته اهو حادثو جان وٺندڙ ثابت ٿي پئي سگهيو. هوڏانهن نيتن ميڊيا کي ٻڌايو ته هو پاڻ حيران آهي ته اهڙي خوفناڪ حادثي ۾ هو ڪيئن بچي ويو.