نئين دهلي (پنهنجي ڊيسڪ) ڀارت ۾ 2 مهينا اڳ عورتن سان پيش آيل واقعي مودي سرڪار کي لوڏي ڇڏيو آهي، رياست مني پور ۾ نسلي فسادن ۾ تيزي اچي وئي آهي
ڀارتي رياست مني پور ۾ اڍائي مهينن کان نسلي فساد جاري آهن اهڙي صورتحال ۾ ٻن عورتن کي سرعام ڪپڙن کان آجو ڪري جنسي زيادتي جو نشانو بڻائڻ جي وڊيو به سامهون آئي آهي
عورتن سان ٿيل ظلم جي وڊيو سامهون اچڻ بعد مودي سرڪار تنقيد جو شڪار آهي ۽ اپوزيشن پاران مودي حڪومت کان استعيفا جو مطالبو ڪيو ويو آهي
مني پور پوليس واقعي جي تصديق ڪندي چيو آهي ته واقعو 4 مئي تي مني پور جي ٿوبل ضلعي ۾ پيش آيو هو، اڻڄاتل شرپسندن خلاف اغوا، گينگ ريپ ۽ قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو، اڃا تائين ڪا گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي آهي
وڊيو منظر عام تي اچڻ کانپوءِ اپوزيشن اڳواڻن، ڪانگريس جي ميمبرن سخت رد عمل ظاهر ڪيو ۽ حڪمران بي جي پي جي وزيرن کان استعيفا جو مطالبو ڪيو آهي
ڀارتي وزير سمرتي ايراني جو چوڻ آهي ته هن معاملي تي رياست جي وڏي وزير برن سنگهه سان ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي ۽ جوابدارن کي پڪڙڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي ويندي
هزارين ماڻهن جي سامهون عورتن کي جنسي زيادتي جو نشانو بڻائڻ جي وڊيو منظر عام تي اچڻ بعد مودي سرڪار لڏي وئي آهي، ڀارتي حڪومت ٽوئيٽر سميت سوشل ميڊيا پليٽ فارمن کي وڊيو ڊليٽ ڪرڻ جو چيو آهي
انڊين ايڪسپريس اخبار موجب 4 مئي تي ٿوبل ۾ ڪوڪي زومي برادري جي عورتن کي جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو، جڏهن ته 18 مئي تي ڪانگپوڪپي ضلعي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو
وڊيو ۾ نظر ايندڙ هڪ عورت جي عمر 20 سال ۽ ٻئي جي 40 سال ٻڌائي پئي وڃي، پوليس کي ڏنل بيان ۾ متاثر عورتن چيو ته وڊيو ۾ رڳو ٻه عورتون نظر اچي رهيون آهن، اتي موجود ٽولي 50 ورهين جي عورت جا ڪپڙا به لاهي ڇڏيا هئا
پرتشدد حالتن ۾ باهه لڳڻ جا 5000 ڪيس ٿيا آهن، مني پور حڪومت موجب پرتشدد واقعن بابت 5995 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن ۽ 6745 ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي
مني پور ۾ ميتي ۽ ڪوڪي برادرين ۾ 3 مئي تي وڳوڙ شروع ٿيا هئا، هن وقت تائين پرتشدد واقعن ۾ 142 ڄڻا مارجي ويا آهن 60 هزار شهري بي گهر ٿي چڪا آهن