ڀانن ويجھو ويڪسينيشن ٽيم تي حملو، عورت هيلٿ ورڪر زخمي

ڀانن ويجھو ويڪسينيشن ٽيم تي حملو، عورت هيلٿ ورڪر زخمي

ڀان سيدآباد (ن پ ا)  ڀان سيدآباد ويجهو ڳوٺ واهڙ ۾ ارڙي کان بچاء لاء وئڪسين ڪندڙ ٽيم تي حملو ٿيو ، هيلٿ ورڪر عورت تي سخت تشدد بعد هيلٿ ورڪر کي سخت زخمي ڪري بيهوشي واري حالت ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا ، متاثر عورت پري ڳنڀير ۽ هيلٿ سپروائيزر شاهده پنهور سي ايم سنڌ جي ڳوٺ واهڙ واري اسپتال ۾ احتجاج ڪندي صحافين سان ڳالهائيندي الزام هڻندي چيو ته ڳوٺ پيرل پنهور ۾ گهر ۾ معصوم ٻار کي ارڙي جا ٽڪا پيا هڻون ته اچانڪ حملو ٿيو ، ارڙي جا ٽڪا هڻڻ تان نياز پنهور حملو ڪري سخت تشدد جو نشانو بڻائي رتورت ڪري فرار ٿي ويو، جڏهن ته حملي دوران وئڪسين ڪيئر ، انجيڪشنون ، سيفٽي باڪس اڇلائي منهجي مٿان حملو ڪري سخت تشدد ڪري بيهوشي واري حالت ۾ ڇڏي فرار ٿي ويو. ان چيو ته اسان عورتن جو آخر ڏوهه ڪهڙو؟  معصوم ٻارن کي ڦڙا پيارڻ ۽ ٽڪا هڻڻ دوران حملو ڪري تشدد جو نشانو ٿا بڻائين ،هيلٿ ورڪر توڙي ارڙي وئڪسين ڪندڙ ٽيم غير محفوظ آهيون، اڳ ۾ به حملو ٿيو پر ڪو تدارڪ نه ٿيو ، ٻئي پاسي هيلٿ سپروائيزر شاهد پنهور چتاء ڏيندي چيو ته حملو ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيو ته پوليو مهم ارڙي کان بچاء سميت اسپتالن جي تالا بندي ڪري بائيڪاٽ ڪنداسين، حملو ڪندڙ جوابدار نياز پنهور کي فوري طور گرفتار ڪري قانون جي ڪٽھڙي ۾ آڻي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي.