ڀاڄي پٽڻ کان روڪيو ٿا: با اثرن نوجوان کي مرڻينگ ڪري ڇڏيو

جُولاءِ 3, 2023

جهڏو (رپورٽر) جهڏو ۾ ڀاڄي پٽڻ کان روڪڻ تان با اثرن نوجوان کي ڪهاڙيون هڻي مرڻينگ ڪري ڇڏيو، زخمي نوجوان الهڏتو جٽ کي حيدرآباد منتقل ڪيو ويو

 پيرسن مسمات رضيه بيبي ٻڌايو آهي ته با اثر جوابدار اسان جي ٻني مان ڀاڄي پٽي ويندا هئا اڄ آئون سندس گهر وڃي ڀاڄي پٽڻ کان منع ڪري آئي هيس

با اثرن ڪاوڙجي منهنجي پٽ تي حملو ڪري سخت زخمي ڪري ڇڏيو آهي، هن چيو ته اسان غريب آهيون، جوابدار وڌيڪ نقصان پهچائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن

هن ايس ايس ايس پي ميرپورخاص کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪري جوابدارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي

Leave A Comment