ڀاڳ ڏي ڀيڙو ته دال مان سيرو: همراهه سڀني لاٽرين تي انعام کٽي ورتو

ڀاڳ ڏي ڀيڙو ته دال مان سيرو: همراهه سڀني لاٽرين تي انعام کٽي ورتو

واشنگٽن (م ڊ) آمريڪا ۾ هڪ شخص 20 لاٽريون خريد ڪيون ۽ هر لاٽري تي انعام کٽيو. هيمپٽن، ورجينيا جي پرينٽس ڊگلس لاٽري انتظاميه کي ٻڌايو ته هو هر روز پِڪ 4 لاٽري کيڏندو آهي ۽ هميشه 8-3-2-3 نمبر چونڊيندو آهي. هو 7 مارچ جي ڊرا لاءِ هڪ دڪان تي ويو ۽ هن موقعي تي هن 20 لاٽريون خريد ڪيون جن ۾ نمبر هڪ جهڙو هو. هر لاٽري 5,000 ڊالرن جو وڏو انعام کٽيو، جنهن سان ڪُل انعام 100,000 ڊالر ٿي ويو. پرينٽيس-ڊگلس چيو ته هن اڃا تائين انعام جي رقم خرچ ڪرڻ لاءِ ڪو به منصوبو نه ٺاهيو آهي.