ڀاڳ ڏي ڀيڙو ته دال مان سيرو: همراهه هڪ ڏينهن ٻه لاٽريون کٽي ورتيون

ڀاڳ ڏي ڀيڙو ته دال مان سيرو: همراهه هڪ ڏينهن ٻه لاٽريون کٽي ورتيون

ايڪرون (انٽريسٽنگ نيوز) آمريڪا جي هڪ سڀاڳي شهري هڪ ئي ڏينهن ۾ ٻه لاٽرين ۾ انعامم کٽي پنهنجي زندگي جي بهترين ڏينهن جو جش ملهايو. اوهائيو رياست جي شهر ايڪرون جي رهواسي شهري لاٽري واري ڪمپني جي انتظاميا کي ٻڌايو ته منهنجي سڀاڳي ڏينهن جو آغاز 50 سينٽ جي راند سان ٿيو جنهن جا ڪڻا نڪرڻ تي مون کي 250 ڊالرن جو انعام مليو. پوءِ مون ٽيلميج شهر جي هڪ اسٽور تان ڪجهه لاٽريون خريد ڪيون ۽ اسڪريچ ڪرڻ تي چوٿين لاٽري مان مون کي 3 لک ڊالرن جو انعام مليو. هن چيو ته ان رقم مان پنهنجي والدين جي ورتل ڪار جي اوڌر چڪائيندس، پنهنجي لاءِ نئين ڪار خريد ڪندس ۽ پنهن بچت کي وڌائيندس.