ڀتاخور وصي لاکو جو ريڊ وارنٽ جاري: ڌاڙيل پيش پون يا مرڻ لاءِ تيار رهن: گهرو وزير

  ڀتاخور وصي لاکو جو ريڊ وارنٽ جاري: ڌاڙيل پيش پون يا مرڻ لاءِ تيار رهن: گهرو وزير

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ لنجار چيو آهي ته سرينڊر نه ڪندڙ ڌاڙيلن جو انجام موت آهي، ڌاڙيلن لاءِ پاليسي واضح آهي ته پيش پون يا مرڻ لاءِ تيار رهن، ڪالهه هتي آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ۽ ڪراچي پوليس چيف جاويد عالم اوڍو سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته  15 ڊسمبر تي گهوٽڪي جي بارڊر ايريا ۾ مريد شاخ وٽ صادق آباد کان ڪوئيٽا ويندڙ ڪوچ جي 14 مسافرن کي اغوا ڪيو ويو هو، سنڌ پوليس فوري طور ڪارروائي ڪندي رينجرز ۽ پنجاب حڪومت جي سهڪار سان گڏيل آپريشن ذريعي سڀني يرغمالين کي حفاظت سان بازياب ڪرايو، جڏهن ته هڪ ڄڻو اغوا دوران دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو. هن چيو ته آپريشن دوران ڌاڙيلن جا ڪيترائي ڳجها ٺڪاڻا تباهه ڪيا ويا، 50 لک انعام رکيل  ڇلو بکراڻي سميت  ڪيترائي خطرناڪ ڏوهاري ماريا ويا، ڌاڙيلن جي قبضي مان جديد هٿيار به هٿ آيا، ڪچي مان نوگو ايرياز جو خاتمو ڪيو ويو آهي،گهرو وزير رحيم يار خان جي ڊي پي او تي تنقيد ڪندي چيو ته سنڌ پوليس ڊي پي او رحيم يار خان ۽ اتي مقرر ٻين پوليس آفيسرن وانگر مينيجمينٽ نٿي ڪري، هن چيو ته ڪچي ۾ ڌاڙيلن کي هٿيار ڪيئن ٿا پهچن؟ ان بابت ميٽنگون هلن پيون، ڌاڙيلن کي  هٿيار وڪرو ڪندڙ 10، 11 مڊل مين ڪي پي ۾ آهن، جنهن لاءِ اتان جي صوبائي حڪومت سان به ڳالهايو آهي، ڪراچي ۾ ڀتا خوري تي گهرو وزير  واپارين کي هدايت ڪئي ته اهي  ڏوهارين کي ڀتو نه ڏين، ڀتي لاءِ فون ڪالز اچن ته پوليس کي ٻڌايو وڃي، هن چيو ته وصي الله لاکو خلاف ريڊ وارنٽ انٽرپول جي هيڊڪوارٽر فرانس پهچي چڪو آهي، جڏهن ته ٻين جوابدارن خلاف قانوني گهرجون به تيزي سان مڪمل ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته ڪراچي ۾ وصي الله لاکو، جميل ڇانگا، بهادر پي ايم ٽي ۽ گل شير جاگيراڻي سميت ڀتاخورن جا 5 وڏا نيٽ ورڪ پرڏيهه کان سرگرم هئا، جن خلاف ڪارروائي ڪري  32 جوابدار گرفتار ڪيا ويا، هڪ ڏوهاري مارجي ويو، جڏهن ته  7 زخمي ٿيا، هڪ سوال جي موٽ ۾ هن چيو ته آباد وارن  پريس ڪانفرنس ڇو ڪئي؟ اهو انهن کان پڇو، يقينن انهن کي تڪليف هوندي تڏهن پريس ڪانفرنس ڪئي. آباد وارن کي تحفظ ڏينداسين، هن چيو ته ڌاڙيلن خلاف ڪارروائي دوران هڪ اهم شخصيت جي هائوس تي به ڇاپو لڳو هو آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو ته ڀتي خوري جي نيٽ ورڪس خلاف قانوني دائري ۾ رهندي ڀرپور ڪارروايون جاري آهن ۽ سنڌ ۾ ڏوهارين لاءِ ڪا جاءِ ناهي.هن ٻڌايو ته وصي الله لاکو خلاف ريڊ وارنٽ انٽرپول جي هيڊڪوارٽر فرانس ڏانهن هڪ هفتو اڳ موڪليو ويو آهي، احمد علي مگسي ۽ صمد ڪاٺياواڙي بابت ضروري دستاويز ۽ خط اسلام آباد پهچي چڪا آهن،