ھونئن ته ڀتي خوري سڄي ملڪ جو مسئلو آھي پر سنڌ ۾ ڀنگ ۽ ڀتو ھڪ اھم مسئلو بڻيل آھي. ڀنگ خاطر اغوا جون وارداتون ڏينهون ڏينهن وڌي رهيون آھن. وڏين شاهراهن تي بسون روڪي مسافرن جي اجتماعي اغوا جون وارداتون ٿيڻ لڳيون آھن. سنڌ حڪومت ڌاڙيلن جي اڳيان بيوس بڻيل آهي. شھرن ۾ وري ڀتي خوريءَ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. ڪراچيءَ جي واپارين ۽ بلڊرز کان اڳ ۾ به مقامي دھشتگرد بندوق جي زور تي ڀتو وٺندا ھئا ۽ جڏهن ڪجھ سختي ٿي ته بين الاقوامي نيٽورڪ سرگرم ٿي ويا آھن ۽ ان ظلم خلاف ڪاروباري ماڻهن ۽ بلڊرز جي تنظيمن طرفان آواز اٿاريو ويو آهي ته سنڌ جي بيخبر بادشاھن کي مس مس وڃي خبر پئي تہ، ڀتي خوريءَ جو عالمي نيٽ ورڪ ٻڙڌڪ مچائي ڇڏيو آهي. نيٺ گھڻي دٻاءُ کان پوءِ سنڌ حڪومت به مس مس تحرڪ ورتو آهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاھ سنڌ اسيمبلي چيو آهي ته ڀتي خورن ۽ ڏوهارين خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويو آهي، ڪراچي ۾ ڀتي خوريءَ جي شڪايتن تي بلڊرن جي تنظيم آباد جي اڳواڻن سان اهم اجلاس به ڪيو آهي، آباد سميت مختلف ڪاروباري ڌريون ڪارروائي مان مطمئن آهن، اسان جو وفاق سان به رابطو ٿيو آهي، پرڏيهه ۾ رهندڙ ڀتي خورن جا ريڊ وارنٽ جاري ڪرائبا.
ڪراچي، جيڪو ملڪ جي معاشي مرڪز سڏجي ٿو، اڄ به ڪيترن ئي سنجيده مسئلن سان منهن ڏئي رهيو آهي. انهن مسئلن مان هڪ انتهائي خطرناڪ ۽ پريشان ڪندڙ مسئلو واپارين کي ايندڙ ڀتي جي لاءِ فون ڪالز آهن. شهر جا ننڍا توڙي وڏا واپاري، دڪاندار، صنعتڪار ۽ ڪاروباري ماڻهو مسلسل خوف ۽ دٻاءَ هيٺ زندگي گذاري رهيا آهن. هي صرف هڪ مقامي ڏوهه نه رهيو آهي، پر هاڻي اهو هڪ منظم ۽ عالمي سطح جي ڀتي خوري واري نيٽ ورڪ جي صورت اختيار ڪري چڪو آهي. واپارين کي ڀتي لاءِ ڪالز اچي رهيون آھن، کين ڌمڪيون ملي رهيون آهن. اڪثر فون ڪالز ملڪ کان ٻاهران اچي رهيون آهن. جديد ٽيڪنالاجي، انٽرنيٽ ڪالنگ، واٽس ايپ، سوشل ميڊيا ۽ جعلي سِمز جي ذريعي ڏوهاري پاڻ کي لڪائڻ، پوشيده رکڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ٿا. اهي ماڻهو ڪڏهن پاڻ کي خطرناڪ ڏوهاري ٽولي سان لاڳاپيل ظاهر ڪن ٿا ته ڪڏهن ڪنهن دهشتگرد تنظيم جو نالو استعمال ڪري واپارين کي ڊپ ڏين ٿا. مقصد صرف هڪ هوندو آهي: ڀتي جي صورت ۾ رقم وصول ڪرڻ.
هي ڀتي خوريءَ وارو عالمي نيٽ ورڪ ھيتري جديد ٽيڪنالاجي جي باوجود اسان جي ملڪي ادارن جي پڪڙ ۽ وڪڙ ۾ اچي نه سگهيو آهي. اھڙي نيٽورڪ طرفان عام طور تي واپارين بابت معلومات پهرين گڏ ڪئي ويندي آهي. ڪاروبار جو اندازو، آمدني، رهائش، خاندان ۽ روزاني معمول بابت ڄاڻ حاصل ڪئي ويندي آهي. پوءِ فون ڪال يا ميسيج ذريعي ڌمڪي ڏني ويندي آهي ته جيڪڏهن رقم نه ڏني وئي ته نقصان پهچايو پھچايو ويندو. رقم جي ادائيگي لاءِ جديد ذريعا جهڙوڪ آن لائن ٽرانسفر، ڪرپٽو ڪرنسي يا ٻين غير رسمي چينلن جو استعمال ڪيو وڃي ٿو، جنهن سان پئسن جي ٽريڪنگ مشڪل ٿي پوي ٿي.
اهڙي صورتحال ۾ سڀ کان وڌيڪ سوال اهو آهي ته انهن ڀتي خورن کي قانون جي گرفت ۾ ڪيئن آندو وڃي؟ سڀ کان پهرين، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي جديد ٽيڪنالاجي سان ليس ڪرڻ ضروري آهي. سائبر ڪرائيم يونٽن کي وڌيڪ مضبوط، تربيت يافته ۽ خودمختيار بڻائڻ جي اشد ضرورت آهي، جيئن بين الاقوامي ڪالز ۽ آن لائن ٽرانزيڪشنز کي ٽريڪ ڪري سگهجي. ان سان گڏ، ٻين ملڪن جي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان رابطن کي بهتر بڻائڻ به وقت جي اهم ضرورت آهي، ڇو ته هي نيٽ ورڪ سرحدن کان مٿانهون ٿي ڪم ڪري رهيو آهي. ٻئي پاسي، واپارين جو به اهم ڪردار آهي. خوف ۾ اچي خاموش رهڻ بدران، کين بنا دير پوليس ۽ لاڳاپيل ادارن کي اطلاع ڏيڻ گهرجي. واپاري تنظيمن ۽ چيمبرز آف ڪامرس کي گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي، جيئن اجتماعي آواز سان حڪومت تي دٻاءُ وڌو وڃي. حڪومت کي به واپارين جي جان ۽ مال جي تحفظ کي ترجيح ڏيڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته مضبوط معيشت بغير محفوظ ڪاروباري ماحول جي ممڪن ناهي.
اسان سمجھون ٿا ته ڪراچي جي واپارين کي ڀتي خوريءَ جي عذاب کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ رڳو بيان بازي ڪافي ناهي. عملي قدم، جديد ٽيڪنالاجي، بين الاقوامي سهڪار ۽ سماجي همت جي ضرورت آهي. جيڪڏهن رياست ۽ سماج گڏجي سنجيدگي سان هن مسئلي کي منهن ڏين، ته اهو ڏينهن پري ناهي، جڏهن ڀتي خور قانون جي گرفت ۾ هوندا ۽ ڪراچي جو ڪاروباري ماحول ٻيهر سڪون جو ساهه کڻندو.