ٽنڊوباگو (رپورٽر) ڀتي ۾ هاڻي پئسن بدران اٽو گهريو پيو وڃي، مفت اٽو نه ڏيڻ تي حملو ڪري عورتن سميت 4 ڄڻن کي زخمي ڪيو ويو آهي
ٽنڊوباگو ڀرسان وارڊ نمبر 8 ۾ زميندار عبدالعزيز خواجه جي زمين تي ڪم ڪندڙ هارين مٿان حملو ڪيو ويو، ڪهاڙيون لڳڻ ڪري والجي ڪولهي، سندس زال هيري، سڄڻ ڪولهي ۽ سندس امڙ روپا ڪولهي زخمي ٿي پيا جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو
زميندار عبدالعزيز جي ڀاءُ عبدالڪريم خواجه جو چوڻ آهي ته هڪ ڏينهن اڳ عمراڻي ذات جي ماڻهن منهنجي ڀاءُ کي چيو هو ته 2 مڻ اٽو وٺي ڏيو، انڪار تي هارين مٿان حملو ڪيو ويو آهي
ٽنڊوباگو ٿاڻي تي مير خان عمراڻي، يارو، نصرالله ۽ عيدو سميت 8 ماڻهن ماڻهن خلاف اين سي داخل ڪئي وئي آهي. جڏهن ته ڪا به گرفتاري نه ٿي سگهي آهي