اھي ماڻهو نه، ادارا ھئا. مور ھئا. پنهنجي ڪم سان عشق ھين. سچا ھئا. ھڙان وڙان خرچ ڪري منڊليون مچائيندا ھئا. سڄي سنڌ روشن ٿي ويندي ھئي. حميد سنڌي منفرد ڪھاڻيڪار. روح رھاڻ نالي سان ماھوار رسالو ڪڍندو ھو. سٽ سٽ ۾ لفظن جو ساھ سمويل ھوندو ھو. نثر ۽ شاعري به اھڙي تھڙي ڇا، اصل پڙھندڙ جو روح گرمائي ڇڏي. جشن روح رھاڻ ملھائيندو ھو. سڄي سنڌ مان قلم ڪار ھڙ ۾ ٻه وڳا وجهي ريل يا بس ۾ چڙھي پوندا ھئا. ايڏا خوش ڄڻ ڪنهن شاديءَ جي ڪاڄ ۾ ٿا وڃن. ھاڻوڪن شاعرن اديبن وانگر ڪارين وارا ۽ ايڏا سکيا ستابا ڪونه ھئا پر دل جا امير ھئا. ادب فن فڪر سان سچا ھئا. ڪشالا ڪڍي حيدرآباد پڄن. رات جو رنگ رچن. شيخ اياز ۽ ٻيا سرت ڀريا شاعر پنهنجي شاعري پڙھن. واھ واھ جي ٽڙڪن تي اڀ ۾ ٽمڪندڙ ستارا ڇرڪ ڀرين. “اڙي چنڊ! اڙي چنڊ!، پرين تو ته ڏٺو ناهي …” ٻڌندي ڪڪرن ۾ لڪل چنڊ جھمريون پائيندو اچي. شابس آهي واحد ڪانڌڙي کي, جيڪو بزم روح رھاڻ جون ھر آچر تي گڏجاڻيون ڪرائي ٿو. شامون ملھائڻ سان گڏ ايوارڊ ڏي ٿو. رسالو شايع ڪرائي، ڪتاب پڻ ڇپرائيندو آهي.
ان وقت ڪا لالچ لوڀ نه. ڪلچر کاتي جو ڪو وجود نه ھو جو سار لھي. انهن کي نه ڪو لکن جي ي چيڪ سان غرض، نه ڪنهن معاوضي جي لوڙ. اھي دل جا ارب پتي ھئا. عشق ھو، جيڪو کين رقص ڪرائيندو ھو. سنڌ جي ھر شھر ۾ مشاعرا ٿيندا ھئا. بين شھرن مان شاعر ڪڇ ۾ بياض جي بڪڙي کڻي، کلندا ڪڏندا ۽ خوشيء مان ڊڪندا، نينهن جا نعرا ھڻندا ايندا ھئا. شعرن جا ڌڌڪا ھوندا ھئا. ‘واھ واھ, مقرر مقرر ۽ ارشاد ارشاد” جا دل مان نڪرندڙ ڇت کي اڏاريندڙ آواز. شاعر شعر پڙھي، داد وٺي، دل ۾ خوشين جا خزانا کڻي, پنهنجي جاءِ تي اچي ويھندا ھئا. سندن چپن تي موناليزا جھڙي مرڪ ھوندي ھئي. مشاعري جو صدر به اھڙو معتبر, آمريڪي صدر به نه پڄي. سڀني شاعرن جو پاڻ ۾ پيار , ھڪ ٻئي لاء لک عزتون. پکين جھڙي پريت. پرت ڪونه ڇنڻ وارا.
شڪارپور ۾ حيدري محلا، جتي دھلن توتلين وارا معتبر مڱڻھار رھندا ھئا. اوج ھين. شاديون مراديون ڪندڙ ھنن کان تاريخ وٺي, پٽ جي وھانء جي تاريخ ٻڌندا ھئا. ھاڻي ھنن جي جاء سياستدانن ورتي آهي. ان پاڙي ۾ شاعر غلام نبي “مير” مشاعرا ڪرائيندو ھو. ھاءِ اسڪول جو استاد ھو. ھيڊ ماستر ٿي رٽايرڊ ٿيو. ھن جو سدورو پٽ ۽ شاعر نور نبي نور ٻانھن ٻيلي بڻجي, ٻڌو ٻانھو ٿي بيھندو ھو. نور نبي نور ڪراچيء لڏي ويو. پروفيسر جي عھدي تان رٽايرڊ ٿي گذاري ويو. سندس شاعريء جو ھڪ ڪتاب اردوءَ ۾ شايع ٿيل آهي.
اوسي پاسي شھرن کان سواء دادو، ميھڙ ۽ نواب شاه وغيره مان به شاعر اچن. پنهنجي اوطاق ۾ شاعرن لاء ماني ٽڪي، ھنڌ بستري جو فس ڪلاس بندوبست. مشاعري ۾ چار پنج ڀيرا چانھ جو دؤر. رات اک ڇنڀ ۾ گذري وڃي. اھڙا مشاعرا سنڌ جي ھر شھر ۾ ٿيندا ھئا. شاعري رقص ڪندي ھئي. “اڄ نه اوطاقن ۾ , طالب تنوارين!” ھاڻي گهڻي ڀاڱي لالچ لوڀ. چئن مليل ڏوڪڙن تي پروگرام ٿا ٿين. ان ۾ ڪا چاھت ذري ناهي. پيسا آهن. پيار ناهي. وڏا چمڪندڙ ھال آهن. علم ادب چي اوندھ آهي. اقربا پروري. پنهنجا نوازي آهي. اسٽيج تي به ساڳيا چار “اصلي تي وڊا شاعر” پاٽ ۾ ڏھيء وانگر ڄميل. انهن مان به ٽي تنظيم جا عھديدار. سکر مان اٿي حيدرآباد، وري ڪراچيءَ.
اتان ٿي سڌو اسلام آباد واري جھاز ۾. اسان توهان پارا “اوھيو! اوھيو! اوھيو!” ڪندي خوشيءَ مان تاڙيون وڄائين.
پروگرام جو ٽائيم يارھن. ھال خالي. ساڍي يارھين وڳي ميزبان ڇم ڇم ڪندو ايندو. ڪاٽن ڪپڙن مٿان اقليتي وزير جھڙي پاتل واس ڪوٽيءَ مان موبائيل فون ڪڍندو. ھڪ ھڪ کي اچڻ لاء قسم واسطا ڏيندي ميڙ منٿ ڪندو. ڏيڍ ٻن ڪلاڪن کان پوء شروع ٿيندو پروگرام.اسٽيج تي پنج ته ھيٺ ست. وري سڀني جا ٻوٿ موبائيل ۾. ڪو سيلفي ڪڍندو. ڪو آيل شاعرا جي ڪڍ لڳي, ايلاز ڪري ان سان فوٽو ڪڍائي, پاڻي پيتل گھوڙي وانگر گد گد ٿيندو. اسٽيج تي شاعر شعر ائين پڙھندا لھندا ويندا، ڄڻ ڪلاس ۾ ٻار استاد جي ميز تي رکيل ڪتاب مان سبق ٿا پڙھندا وڃن. شعر پڙھي اسٽيج تان لھي, چيڪ وٺي کيسي ۾ وجهي ھال مان نڪري, تيز وکون کڻندا ائين ويندا، ڄڻ سينٽرل جيل مان ڇٽا ھجن. صدر صاحب جي تقرير مھل بجلي بند! ٺنڊ ئي ٺنڊ!