ڀت جي وٿين مان نڪتل پنا … اياز جرنيل آهي … اياز جبل آھي! … آدرش

پاڻ کي پڙهڻ جي ستي ننڍپڻ کان پيل.

جيڏانهن وڃجي، ڪتاب ڳولھجن.

ڦوھ جواني

رت مستاني!

ڇھاسيءَ ۾ پنهنجي پاڙيسري دوست ۽ سٺي شاعر، اردو اسپيڪنگ رياض شيخ سان ڪراچيءَ وڃڻ ٿيو. ڪو ڪم ڪونه ھو، بس! گھمڻ ڦرڻ, دوستن سان ملڻ ۽ ڪتاب وٺڻ.

اردو ليکڪ آصف فرخيء سان سندس گلشن اقبال واري گهر وڃي ملياسون. جنهن ترجمو ٿيل ڪتاب “ترانا” ڏنو. شاعر صابر ظفر سان ھن جي سڌ سماءَ آفيس وڃي ملياسون ته ھن پنهنجو ننڍڙو شاعريءَ جو ڪتاب “ابتدا” ڏنو.

ناريون ڏسي, نعرا ھڻندا صدر, طارق روڊ ۽ ڪلفٽن گھمياسون.

سمنڊ ڪناري تي بيھي لھندڙ سج جي لالاڻ ڏٺي سون.

ريگل چوڪ تان ھڪ اڌ ڪتاب ورتوسون.

اوڊين سينيما جي ڀڪ ۾ ايراني ھوٽل ۾ پيز پلاءَ کائي مٿان سيپريٽ چانھ پيتيسون.

واء ايم سي ھال ۾ ڪتابن جو ميلو ھجي. وياسون.

رياض عبدالله حسين جا ناول “اداس نسلين”، “نشيب” ورتا.

انگريزيءَ ۾ سٺا ڪتاب ملي ويا، مون سي ورتا. ھڪ ” Writing from Middle East ” ۽ ٻيو نظمن جو ڪتاب ” Turkish Verses ” ورتا. ٺٺ ٿي ويا.

خير سان شڪارپور موٽياسون.

سياري جي ھلڪي مينهن ۾

ڪتابن جي نينهن ۾ پاڻ آلو ڪيم. ٻنهي ڪتابن کي پڙھندي مزو ورتم.

ھڪ ھنڌ نظمن تي مون کي لڳو ته ٻيلي! اھي ته اڳ ڪٿي پڙھيا آهن…. ڪٿي؟

منهنجي ميمري ان معاملي ۾ سٺي آهي ته ھڪ ڀيرو پڙھيل لکڻي ٻيھر پڙھندس ته دماغ ۾ ڌڪ لڳندو.

ڪتاب بند ڪري سوچڻ لڳس ته ڪٿي پڙھيا آهن؟

سوچيندي سوچيندي ذھن ۾ شعاع ٿيو. اڙي! اھي ته شيخ اياز جي ڪتاب “واٽون ڦلن ڇانئيون” ۾ پڙھيا آهن. ٽپ ڏئي اٿيس. ھڪ دم ڪتاب کنيم. دل جي ڌڪ ڌڪ وڌڻ لڳي.

اڙي يار! ائين نه ڪجانءِ. اياز جھڙو شاعر نقل ڪري!

خدا خير ڪري!

 ڀيٽ ڪندي پنجويھ کن ترجما نظر آيا.

ڏک ٿيو ته اياز ائين ڇو ڪيو!

جيتوڻيڪ اھي نظم ايڏا ڪي خاص به نه ھئا. خير!

اھا ڳالھ پنهنجي دلي دوست ۽ ذھين سنگتي شفقت سومري سان سليم. اھو به ويسوري ۾ پئجي ويو. ھو ڪراچيءَ ھليو ويو.

گڏيو گھاٽو سنگتي اياز ابڙو.

ڳالهه ھن کي ٻڌايم. اياز ابڙي چيو: مان اياز صاحب ڏانهن ڪتاب کڻي ويندو رھندو آهيان. ايندڙ ھفتي گڏجي ھلجانء ته ساڻس ملنداسين.

ايندڙ ھفتي جي ھڪ ڏينهن شام جو پراڻي سکر جنتا بلڊنگ واري گهر وياسون.

ننڍڙي اوطاق ۾ ادل سومرو ويٺو سندس شاعري فيئر ڪرڻ ۾ رڌل ھو. مليو ۽ چيائين: اياز صاحب گهر آهي ۽ اچڻ وارو آهي.

جھٽ کن کان پوءِ اوطاق ۾ گهر جي در جا ٻئي تاڪ کولي اياز صاحب اسٽڪ تي ٽڪ ٽڪ ڪندو آيو.

اسان ٻئي اٿي بيھي ادب ۽ احترام  سان ٻئي ھٿ ڏناسونس.

ھن ھڪ ھٿ ڏنو.

ڇا ته سندس ھٿ ھو!

ايڏو نرم ملايم ھٿ مون اڄ تائين ڪنهن جو نه ڏٺو آهي.

ڇھاء اڄ به ياد آهي!

سڃاڻپ ٿيڻ کان پوء مون اياز صاحب کي چيو: “سائين! توهان سان اڪيلائپ ۾ ڪجھ ڳالھائڻو آهي”.

اياز صاحب عقابي نظرن سان مون کي ڏسي, ادل سومري ڏانهن اشارو ڪندي، رکي ۽ کھري نموني چيو: “تنھن جي معنىٰ مان ھن شريف ماڻهوءَ کي چوان ته اٿي وڃي!”

ادل کي سمڪ نه ٿي ته ٿورو اٿي وڃي ھا يا اياز صاحب جي ڳالھ جو خيال ڪري کيس مان ڏئي ھا.

اياز صاحب جي ان جملي مون کي صدمو ڏنو.

دل ۾ خنجر ٿي پيھي ويو.

انا ته ٻار کي به ٿيندي آهي ۽ ھو ڪنهن اڻ وڻندڙ ڳالھ تي ڪروڌ ڪندو آهي. مان جوان ھيس. جوانيءَ جو جوش شعلو ٿيندو آهي.

منهنجي انا کي ڪاپاري ڌڪ لڳو.

مون ته وضاحت گھرڻ پئي چاھي ۽ ادل جھڙي ويجهو رھندڙ اڳيان به پڇڻ نه پئي چاھيو.

پوء مون ڪاوڙ ۽ ڪروڌ مان مضمون “فيصلو تاريخ ڪندي” لکي اياز صاحب کي پٿر ھنيو.

ادبي جھنگ ۾ باهہ لڳي وئي.

وقت گذرڻ کان پوء پبلشر اعتراف ڪري پنهنجي غلطي مڃي.

نامياري ليکڪ اخلاق انصاريءَ مون کي احوال ڏنو ھو:

“زيب سنڌي لاڙڪاڻي مان سڳنڌ پبليڪيشن تحت ڪتاب ڇپرائڻ شروع ڪيا. اياز صاحب به کيس پنهنجن ڪتابن ڇپڻ جي اجازت ڏني.

ھڪ ڏينهن مسودو وٺڻ لاء اياز صاحب ڏانهن ويو پئي ته مان به اياز صاحب سان ملاقات جي شوق ۾ زيب سان گڏ ويس. ھن سان آفيس ۾ ملياسون. چانھ پيتي سون ته زيب کيس ڪتاب جي مسودي لاء چيو. اياز صاحب چيس: “مسودي جو فائيل ميز تي رکيو اٿئي. ھن ۾ ڪجھ ترجما به آهن. مان اھي ڌار ڪندس ۽ ھيٺان ترجمو لکندس. تون مھربآني  ڪري تڪليف ڪري، ايندڙ ھفتي مسودو کڻي وڃجانءِ”. زيب ڪونه مڙيو ۽ مسودو کڻي اياز صاحب کي چيائين: “توهان دل جاءِ ڪريو، مان پاڻ ھي ترجما الڳ ڪندس”. 

منهنجي پاڙيسري اياز جو گهر

منهنجي گهر جي پويان واري گھٽيءَ ۾ آهي.

گهر اڳيان کوھ ھوندو ھو

نم جو گھاٽو وڻ ھوندو ھو.

ھاڻي نه گهر آهي

نه کوھ

نه وڻ!

پر

شاعريءَ جو جرنيل اياز

جبل وانگر بيٺو آهي.