ڀت جي وٿين مان نڪتل پنا … ترجمو تخليق کان وڌيڪ ڏکيو فن آهي … آدرش

                 دنيا جي ھر ملڪ ۾ ٻين ملڪن جا شاھڪار ۽ ھر موضوع تي پنهنجين ٻولين ۾ ترجمو ڪيا ويندا آهن. نثر جو ترجمو سٺو ٿي سگهي ٿو پر شاعريء جو ترجمو ڏکيو آهي. چميءَ جو ترجمو ٿي سگهي ٿو ؟…. نه ….ته پوء شاعريء جو ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟

                 پري نه وڃو _ ڇڏيو روس ۽ آمريڪا کي. ڀٽائي صاحب جو اردوءَ ۾ ترجمو سنڌي ٻوليءَ جي سگھاري شاعر شيخ اياز ۽ سگھاري نثر نويس آغا سليم پنهنجي پر ۾ سٺو ترجمو ڪيو  آهي. توهان کي وڻيو؟ اردوءَ وارن وٽان به ڪو واھ  واھ  جو ھلڪو آواز نه آيو آهي. مرزا غالب, علامه محمد اقبال ۽ فيض احمد فيض جي شاعري سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿي آهي…. پڙھي اٿو؟ شعرن ۾ اٿن ڪو روح  ڏکيو آهي. وري به نثري نظمن جو ترجمو سٺو  ٿي سگهي ٿو، باقي پابند شاعريءَ جو ترجمو ڏاڍو ڏکيو آهي. ڪوشش ڪجي پر آهي اڪ تان ماکي لاھڻ.

روس جو عظيم شاعر اليگزنڊر پشڪن آهي, داغستان جو وڏو شاعر رسول حمزاتوف آهي. مون ٻنهي جي اردو ترجمي ۾ شاعري پڙھي. صفا ڪانه وڻي.

 پشڪن جون ڪھاڻيون ۽ رسول حمزاتوف جو “ماء داغستان” پڙھيا. اصل دل ۾ گهر ڪري ويا.

زائفان وانگر شاعري به پنهنجي اباڻي گهر ۾ سونھندي آھي. جڳ مشهور ليکڪن ليوٽالسٽاء, بالزاڪ, البرٽو موراويا ۽ گارشيا مارڪيز پنهنجي ٻولين ۾ ٻين ٻولين جا ڪتاب ترجمو ڪيا. اسان وٽ به اردوءَ جي سٺن تخليقي ليکڪن سعادت حسن منٽو، غلام عباس، محمد خالد اختر، قرت العين حيدر، ابن انشا ۽ آصف فرخي وغيره ترجمو ڪيا. اردوءَ ۾ سٺو ترجمو  محند حسن عسڪري، مخمور جالنڌري ، ظ.انصاري، شاھد حميد، محمد سليم الرحمن، انور عظيم، خديجا انور، تقي حيدر، اجمل ڪمال ۽ انعام نديم ڪيو آهي.

سنڌيءَ ۾ مرزا قليچ بيگ کي جس آهي. الطاف شيخ به واھ  واھ. فضل احمد بچاڻي به پاڻ نڀايو. اياز قادريءَ مئڪسم گورڪيء جي آتم ڪھاڻيءَ جا ٽي جلد ڪمال ترجمو ڪيا آهن. منهنجي شھر واسي شڪارپوري احسان احمد بدويء دوستووسڪيء جو سگھارو ناول “برادرس ڪرانازوف”، رئوف نظاماڻيءَ بورس پيسٽرناڪ جو ناول “ڊاڪٽر زواگو”، منور سراج ارون ڌتي راءِ جو ناول “ننڍڙين شين جو خدا” سٺو ترجمو ڪيا آهن. مدد علي سنڌيءَ قرت العين جون چونڊ ڪھاڻيون ترجمو ڪيون ۽ “قلندر” عنوان سان ڪتاب ڇپيو. ٻئي ڇاپي ۾ عنوان مٽائي “عجب اکڙيون” رکيو ويو. نجم عباسي ۽ قاضي خادم به ناول ترجمو ڪيا. خواجا اسلم، ڄام وقار حسين ۽ ممتاز لوھار به ترجمو ڪيو آهي. محمد ابراھيم  جويو ۽ عطا محمد ڀنڀرو به ترجمي جي ڪم ۾ پاڻ نڀايو آهي. جھانگير عباسي ترجمي ۾ پاڻ موکيو آهي. ننگر چنا، قربان چنا، مبين چنا ۽ عبدالڪريم چنا، راز احمد شيراز ۽ رحمت سومري ناول ترجمو ڪيا آهن.

ولي رام ولڀ ۽ عبدالقادر جوڻيجو ترجمي جي ڪم ۾ جيڪو نڀايو، سو ڪنهن مائيءَ جي لعل ۾ طاقت ناهي. ٻنهي ڏاڍو سٺو ڪم ڪيو. ولي رام ولڀ ڪافي ناول، ڪھاڻيون، شاعري ۽ مضمون ترجمو ڪيا. ڪجھ پنهنجون اصلوڪيون ڪھاڻيون، مضمون ۽ نظم به سٺا لکيا.

عبدالقادر جوڻيجو لک لھي. سٺيون ڪھاڻيون، سٺا ٽيلي ناٽڪ، سٺا مضمون، ساروڻيون، ناول “سو ديس مسافر منهنجو ڙي!” جا ڪجھ فصل. ناول اڌورو رھجي ويو، زندگي پوري ٿي ويس. انگريزيءَ ۾ ھڪ ناول لکيائين پر اھا اڏام نه ڪري سگهيو. پنهنجي ٻولي، ماءُ جي لولي ھوندي آهي.

عبدالقادر جوڻيجي ترجمي ۾ دنيا جي ناميارن ليکڪن جا عاليشان انٽرويو، سندن بابت لکيل دلچسپ ڳالهيون واھ جو ترجمو ڪيون.

انهن سڀني پنهنجي دل وٽان ڪم ڪيو. دل جي ڪنهن ڪنڊ ۾ شھرت جي بک لڪل ڪانه ھئي. جيڪي لکڻيون کين وڻيون، ڪو نوبل يا بڪر انعام ماڻيندڙ ليکڪ کي رعب ويھارڻ لاء ترجمو ڪونه ڪيائون. ڪو مشھور نالي پٺيان ڪونه لڳا.  جن لکڻين سندن دل کي ڇھيو, ڪٿ ڪيائون ته اھي اسان کي پسند آيون آهن ۽ ٻين پڙھندڙن کي به وڻنديون، پوء ڪم کي لڳي ويا. نور نچوئي، ترجمو ڪري سنڌي ادب جي ترجمي وارا ڪٻاٽ ڀري ڇڏيائون. نه ڪنهن انعام جي لوڙ، نه وري شھرت پٺيان ڊوڙ.

ترجمو تخليقي ڪم کان وڌيڪ ڏکيو فن آهي. پھريون ته ھڪ پنهنجي ٻوليءَجي، بيو جنهن ٻوليءَ مان ترجمو ڪيو وڃي، ڄاڻ ھجي. پنهنجي ٻولي ئي سمنڊ آهي. مان عمر ۾ اڌ صديءَ کان ڏھاڪو ٽپي چڪو آهيان. چاليھ سال پڙهڻ لکڻ ۾ گذاريا آهن، پوء به ڪنهن لفظ ۾ منجهي پوندو آهيان. پوء ڊڪشنري ڏسان يا پرين پيارن ضياء شاه, زبير سومري ۽ سلمان سومري کان معنىٰ پڇي وٺندو آهيان. پڇڻا نه منجھڻا !

اڄ ڪالھ سنڌي ترجمن جو حال بي حال آهي. شل نه ڪنهن کي نوبل انعام يا بڪر انعام جو اعلان ٿئي، وٺ سٺ لڳي ويندي. ناول پورو پڙھندا به ڪونه ته ان ۾ آهي ڇا، ڪو رس چس به اٿس، پڙھندڙ کي ڀانء پوندو يا نه.بس! پنھنجو رعب ويھارڻ لاء ته مان وڏو ڦني خان آهيان. وري ان اي .آء اڇو منهن ڪيو آهي. محنت کسي ڇڏي آهي. ٺڪ ٺڪ ڪري, ڪلاڪ ۾ ترجمو. وري ھڪ نظر وجھڻ کان به ٻرو. گرامر غلط ته کوڙ لفظ اردو. زرد کي ھيڊو ڪري ڪو نه ٿا لکن. ھفتي اندر ڪتاب ڇپجي ٿو وڃي. ترجمو اھڙو – جو اصل ليکڪ پڙهي ته توب کڻي اچي گهر کي اڏاري ڇڏين!