ڀت جي وٿين مان نڪتل پنا … جاسوسي، رومانوي ۽ تاريخي ناولن  جي جادو نگري … آدرش

                 ھر شھر ۾ پرائيويٽ لائبريريون ھونديون ھيون. ڪن شھرن ۾ ميونسپل ڪاميٽيءَ جون لائبريريون به ھونديون ھيون. منهنجي سانڀر ۾ شڪارپور  ۾ جڳن ناٿ لائبريري رن زال وانگر اجڙيل ھئي. اٺاسيء ۾ بي نظير ڀٽو ملڪ جون واڳون سنڀاليون. ثقافت کاتي سار لڌي. کوڙ شھرن ۾ لائبريريون کوليون ويون. شڪارپور واري جڳن ناٿ لائبريري به ميونسپل ڪاميٽي انتظاميا سان ڳالهيون ڪري، آغا طارق خان وفاقي ثقافت جو وزير ھجي، ان جي سفارش سان لالا لياقت علي پٺاڻ لائبريري ثقافت کاتي جي حوالي ڪئي. لالي جي سفارش سان لائبريري ۾ اڳ ڪم ڪندڙ ھڪ اڌ ملازم ثقافت کاتي ۾  ضم ڪرائڻ سان گڏ پنهنجا گھڻگھرا به ڀرتي ڪرائي،  وساميل چلھيون ٻاريون. جڳن ناٿ کي مسلمان ڪيو پر شيخ اياز جي نالي بدران، روھڙيء جي شاعر قادر بخش بيدل جو نالو رکيو ويو. ڪتابن سان ڪٻٽ ڀرجڻ سان گڏ، لائبريرين جي سار سنڀال ڪندڙن جا ڀڀ به ڀرجڻ لڳا. راتون رات مالا مال ٿي مالا ڪنڊ بڻجي ويا. ملڪ ۾ مينهن وسي نه وسي، مالا ڪنڊ ۾ ضرور وسي.

                 شڪارپور ۾ پنج پرائيويٽ لائبريريون ھونديون ھيون، جتان شوقين مڙس ۽ زائفائون پنهنجو گهر جو ڪو ٻار يا نوڪر موڪلي ناول گھرائينديون ھيون ۽ مڙد پاڻ ايندا ھئا. انهن ۾ رٽايرڊ ملازم، دڪاندار، استاد، شاگرد – مطلب ته ھر قسم جا ماڻهو روزانو ناول کڻي گهر وڃي رات جي سانت ۾ پڙھندا ھئا. جادوءَ ۾ جڪڙجي ويندا ھئا. ڪتاب پورو. ٻئي ڏينهن وري ٻيو.

اردو جاسوسي ناولن ۾ ابن صفي جي عمران سيريز ۽ سلسلي جاسوسي دنيا ۾ ڪيپٽن فريدي جا ڪردار چوٽ چڙھيل. مظھر ڪليم، اظھر ڪليم، ايڇ. اقبال، ايم. ايس قادري, ايم. اي. راحت به عمران سيريز جا ناول لکن پر ابن صفي جي قلم سان ڪير پڃي!

بنگال اسان وٽ ھو. بکيا بنگالي اسان جا ڀائر ھئا. بکيا ھئا ـ پاڻ کي بکيا وڻن ڪونه. سو اھي پاڻ ھرتو پنهنجي جان ڇڏائي ويا. عوامي ليگ جي اڳواڻ شيخ مجيب الرحمان جي امڙ، ابن صفي جي ناولن تان جان فدا ڪندڙ. ھر مھيني ھن جا ناول گھرائي جيسين به پڙهي، تيسين ننڊ نه ڪري. عمر جي پڇاڙيءَ ۾ سندس نظر جھڪي ٿي وئي، پڙهي نه سگهي ته نوڪرياڻي ناول پڙهي ٻڌائيندي ھئي. ھوءَ ٻڌندي خوشيءَ جي رنگ برنگي چادر ۾ ويڙھجي ويندي ھئي.

ابن صفي پنهنجي ھڪ ناول تي “ڌماڪا” نالي سان فلم ٺاهي. فلاپ ويس. پيسا ئي پاڻيء ۾. ھن ھڪ ماھوار ڊائجسٽ “ابن صفي مئگزين” پڻ ڪڍيو ۽ چڱو ھليو.

انگريزيءَ ۾ ته وري وڏا اصل راڪاس ليکڪ. ناول جي اڻت اھڙي جو ھٽ پري. جيمس ھيڊلي چيز جي ڇا ڳالھ ڪجي! سئو کن ناول لکيائين. ھر ناول سون ۾ تورڻ جھڙو. منهنجو محبوب ليکڪ. ھاڻي  به ڪونه ڇڏيانس. مھيني ماسي ضرور پڙھانس. شخصي طور به منفرد. نه ڪنهن سان ملي، نه ڪنهن کي انٽرويو ڏي. سڀني کي کتو جواب. ھن چواڻي: “بنا انٽرويوءَ جي جڏهن سڄي دنيا ۾ پڙھندڙ منهنجا ناول محبت ۽ احترام سان پڙھي، دل وندرائي، خوس ٿين ٿا ته پوء مان ڪھڙي ويٺو اجائي جک ماريان.”

ھن جي ڪجھ ناولن تي انگريزيءَ ۾ فلمون پڻ ٺھيون. ھندوستان ۾ “آر پار” نالي سان ھنديءَ ۾ ٺھي. ان ۾ مک ڪردار اداڪار جيڪي شيروف ادا ڪيو. جيمس ھيڊلي ڇيز جا ناول ٻين ٻولين ۾ ترجمو ٿيڻ سان گڏ سنڌي ٻوليءَ ۾ به ڪجھ ناول ترجمو ٿيا آهن. آرٿر ڪانن ڊائل، آئن فلمنگ،

اليسٽر مئڪلين، آرل اسٽينلي گارڊنر، سئڪس روھمر، رچرڊ. ايس. آرٿر، اي. اي. فيئر، سي. ٻي. گلفرڊ، ڪارنل وولرچ، ري براڊ بري، جان ڊي مئڪڊولڊ ۽ روز مئڪدونالڊ جادوگر ليکڪ ھئا.

جڳ مشهور ۽ نوبل انعام ماڻيندڙ شاعر پئبلونرودا جو وڻندڙ ليکڪ روز مئڪڊو نالڊ ھو. ھن ھڪ انٽريوء ۾ ھڪ سوال: “توهان جي گهر کي باه لڳي ته ڇا بچائيندين؟” جي جواب ۾ چيو ھو: “جاسوسي ناول.”

عورت ليکڪائن ۾ اگاٿا ڪرسٽي ڪمال ڪيو. چوندا آهن: “انگريزيءَ ۾ بائيبل کان پوء گهڻو پڙھيا ويندڙ اگاٿا ڪرسٽي جا ناول آهن.”  

انھن سڀني جي ڪن ناولن تي فلمون ڄڻ ٺھيون. جاسوسي فلم ٺاھڻ جو ھدايت ڪار الفريڊ ھچڪاڪ شاه ڪاريگر ھو. انگريزي رومانوي ناولن ۾ اداري “ملس اينڊ بون” جو وڏو ڌاڪو.

اردوءَ ۾ رضيا بٽ باڪمال! اي. آر خاتون، سلما ڪنول، ديبا خانم ۽ بشرا رحمان پاڻ ملھايو. بشرا رحماڻ جو “پياسي” منفرد ناول ھو. ھوءَ اسيمبلي ميمبر پڻ رھي. انهن سدورين جي ناولن تي فلم ۽ ٽيليويزن  دراما ٺھيا ۽ ڪامياب ويا.نسيم حجازي تاريخي ناولن ۾ پنهنجو مٽ پاڻ. گھوڙن جي ڊڪ ۽ تلوارن جي چمڪاٽ ڪيئي ڪوٽ قلعا فتح ڪري، ڪافر ماري، اسلام جو سر بلند ڪيو. الياس سيتا پوري سٺو پاڻ ملھايو. اسلم راھي ۽ رياض فرشوري به وسان نه گھٽايو.نسيم حجازيء جي ھڪ ناول تي فلم “خاڪ اور خون” ٺھي. ٻوٽو ٻاري نه سگهي. ڪراچي ٽيليويزن سينٽر تان سندس ناول تي سلسلي وار ناٽڪ “تعبير” ھليو. ٻڙڌڪ مچي ويو. ناول کي ڊرامي جو ويس اردوءَ جي ناميارن ليکڪن سليم احمد ۽ اسد محمد خان پھرايو ھو. پروڊيوسر قاسم جلالي ھدايتون ڏئي تيار ڪيو ھو.اھا جادو نگري اک کلڻ سان، شيشي جي رنگين ڪنگڻيء وانگر،

ڪري ڀڄي پئي!

شيشي ذريون ڪير ميڙي!